SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Rabies

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • reibiːz

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Rabies

ري.بيزِ

ھڙڪ، ڇتڪتائپ، تنتي سرشتي جو ھڪ گنڀير قسم جو وائرسي انفيڪشن ڪنھن دور ۾ ھيڊروفوبيا (hydrophobia) جي نالي سان به سڏبو ھو، مکيو طور تي ڪتن ۽ چمڙن کي متاثر ڪري ٿو پر انسانن ۾ به انھن جانورن جي چڪ پائڻ يا ٽٽل چمڙي چٽڻ سان وائرس منتقل ٿي سگهي ٿو. وائرس مغز تائين رسي تڪليفون پيدا ڪري ٿو. ھڙڪ عام طور تي موتمار ثابت ٿئي ٿي. ھن وائرس جو سراسري انڪيوبيشن پيريڊ/ نسرڻ جو عرصو (incubation period)1 کان 3 مھينن جو ٿئي ٿو جنھن جو وڌيڪ مدار ھن ڳالهه تي ٿئي ٿو ته جسم ۾ چڪ ڪھڙي ھنڌ تي پاتو ويو آھي. ان جي تڪليفن/نشانين ۾ ھلڪو بخار۽ مٿي جو سور، اڳتي ھلي بي چيني، غيرمعمولي حرڪتون (hyperactivity) ۽ ڪن ڪيسن ۾ سوداءَ ۽ فالج ٿي سگهي ٿو. متاثر فرد کي ڳڍڙيون، اَرڌمياس ۽ ساه سان لاڳاپيل مشڪن جو فالج ٿي پوي ٿو، عام طور تي شديد اڃايل رھي ٿو پر پيئڻ سان نڙيءَ جون تڪليف ده ڳڍڙيون پون ٿيون. نشانين جي ظاھر ٿيڻ کانپوءِ مريض 10 کان 14 ڏينھن اندر مري وڃي ٿو.


Related words with: Rabies


.


Other Phrases of Rabies used in Daily life:

.


Rabies is also used in:

Remember Me Also:

ڦٽنهپوڻ

ارمان نه ٿيڻ ، دک نه ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal