SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Quarantine

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • kwɔrəntain

From the English to Sindhi Dictionary:

Quarantine

قرنطين، بيماري سبب شهر ۾ اچڻ جي منع


From the Dictionary of Commerce & Banking:

Quarantine

ڪنهن بيماري کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ طور جبري حراست يا تنهائي ۾ رهڻ- رهائڻ جو اهو مدو جيڪو جهازن، فردن يا سازوسامان کي هڪ بندرگاهه يا مقام يا هنڌ تي پهچڻ مهل انهيءَ غرض سان عائد ڪيو وڃي جو ان مان بيماريءَ جا جيوڙا ملڪ ۾ ڦهلجڻ جو انديشو هجي- بندرگاهه يا سرحد تي


From the Dictionary of Haematology:

Quarantine

ڪوارنيٽن

مرض روڪ،ضابطو، طبي ضابطو


From the Dictionary of International Relations:

Quarantine

قئارنٽين

طبي قيد

پرڏيهه مان پهتل اهڙن ماڻهن، جانورن، ٻوٽن ۽ وکرن کي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي مخصوص وقت تائين روڪي رکڻ، جن جي آباديءَ سان لهه وچڙ جي نتيجي ۾ ڦهلجندڙ بيماري پيدا ٿيڻ جو ڀئه هُجي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين اها ”روڪ“ فقط 40 ڏينهن تائين محدود هُئي، پر مُختلف معاهدن ۽ عهدنامن کان پوءِ، هاڻي ان سلسلي ۾ ڪو به خاص مدو مقرر نه ڪيو ويو آهي. جنهنڪري جُدا اسپتالن يا عارضي نظربنديءَ جي مرڪزن ۾ به مٿي بيان ڪيل مڙني ساهدارن کي روڪي سگهجي ٿو. عالمي لاڳاپن ۾ 1937ع ۾ آمريڪي صدر ’روز ويلٽ‘ طرفان متعارف ڪرايل Quarantine Doctrine وڏي اهميت رکي ٿي. صدر روز ويلٽ جو خيال هو ته جنگ به وچڙندڙ بيماري آهي، تنهنڪري يورپ جون فاشي جنگجو حُڪومتون ۽ جاپاني رياست دُنيا ۾ جنگ ڦهلائي، عالمي امن جو خاتمو ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙين رياستن کي عالمي برادريءَ مان ٻاهر رکڻ ضروري آهي. دراصل اهو رويو ڪنهن به اڳرائي پسند رياست کي سزا ڏيڻ جي برابر آهي. هن تصور آڪٽوبر 1962ع ۾”ڪيوبائي ميزائل“ مامري دوران آمريڪا جي صدر ’جان – ايف ڪينيڊيءَ‘ طرفان، ڪيوبا جي ڪيل ناڪه بنديءَ وقت شهرت ماڻي


Related words with: Quarantine


.


Other Phrases of Quarantine used in Daily life:

Remember Me Also:

خشم

ذ. [ف] چِڙَ ، ڪاوڙ ، غُصو ، غَضَبُ ، طيشُ ، عَتابُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal