
Q fever
ڪِيُو ـ فيور
ھڪ ورلي ٿيندڙ بيماري جنھن جون انفلوئنزا (influenza) جھڙيون نشانيون پيدا ٿين ٿيون. ڪيو فيور سڄيءَ دنيا ۾ ٿئي ٿو، بيڪٽيريم ڪوڪسيئيلا برنيٽيي (Coxiella burnetii) رستي پکڙجي ٿو ۽ اھڙي ڊسڙ جيڪا ڪنھن متاثر جانور جي ڪرفتي، پيشاب يا پيدائشي مادي سبب غليظ ٿيل ھجي ان جي ساه رستي کڻڻ سان پکڙجي ٿي. ورلي چچڙ جي چڪ رستي به پکڙجي سگهي ٿي. بيماريءَ جون نشانيون انفيڪشن ٿيڻ جي اٽڪل 20 ڏينھن کانپوءِ اوچتو تيز بخار، مٿي جي شديد سور، جسم ۽ ڇاتيءَ جي سور ۽ کنگهه سان شروع ٿين ٿيون. پوءِ ھڪ قسم جي نمونيا ٿي پوي ٿي. ڪن ڪيسن ۾ ھيپيٽائيٽس (hepatitis) يا اينڊوڪارڊائيٽس (endocarditis) به ٿي سگهي ٿي. 1 سيڪڙي کان گهٽ ڪيس موتمار ثابت ٿين ٿا. رت جي تپاس رستي بيماريءَ جي پڪ ڪرڻ کانپوءِ، انٽيبياٽڪ (antibiotic) رستي علاج ڪجي ٿو. ان جي اثرائتي ويڪسين به موجود ٿئي ٿي.
صدق
ظرف. ع. صدقي ، قربان ، فدا.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal