
Pulmonary stenosis
پل.مو.نري ـ اسٽي.نو.سس
پلمونري شريان ۽ ساڄيءَ وينٽريڪل جي وچواري سوراخ جو غيررواجي سوڙھو ھجڻ يا دل (heart) جي ورلي ٿيندڙ ھڪ بيماري جنھن ۾ ساڄيءَ وينٽريڪل (ventricle) مان وھندڙ رت ۾ روڪ پيدا ٿيڻ ڪري دل کي سختيءَ سان ڪم ڪري رت کي ڦڦڙن ڏانھن ڌڪڻو پوي ٿو. روڪ پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ پلمونري وال جو وينٽريڪل جي اخراج وٽ پلمونري شريان جو سوڙھو ٿيڻ ٿي سگهي ٿو جنھن جو ڪم ڦڦرن کي رت پھچائڻ يا وينٽريڪل جي مٿين حصي جو سوڙھو ٿيڻ ٿئي ٿو. عام طور تي پلمونري اسٽينوسِس موروثي ٿئي ٿي اڪيلي يا دل جي ڪن نقصن سميت جن کي ٽيٽرالاجي آف فالوٽ tetralogy of Fallot)) سڏجي پيدا ٿي پوي ٿي. تشخيص ڇاتيءَ جي ايڪسري، اِي سي جي (ECG)، اِڪوڪارڊيوگرافي (echocardiography) ۽ ڊوپلر الٽراسائونڊ اسڪيننگ (Doppler ultrasound scanning) رستي ڪجي ٿي. بيلون ڪيٿيٽر (balloon catheter) سان سوڙھائپ ختم ٿي سگهي ٿي نه ته ھرٽ ـ وال (heart-valve surgery) سرجري يا عام طور تي ٻين قسمن جون اوپن ھرٽ سرجريون (open heart surgery) ڪامياب ٿي سگهن ٿيون.
هڙپي
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal