SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pulmonary hypertension

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pʌlmənəriː
  • haipətenʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pulmonary hypertension

پل.مو.نري ـ ھاءِ.پر. ٽينشن

ھڪ اھڙي بيماري جنھن ۾ ڦڦڙن کي مھيا ٿيندڙ رت مھيا ڪندڙ شريانن ۾ بلڊپريشر غيرمعمولي طور تي وڌيڪ ھجي ٿو. پلمونري ھائپرٽينشن، ڦڦڙن ڏانھن رت جي وھڪري ۾ ٿيندڙ مزاحمت جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿو. رت جو مناسب وھڪرو قائم رکڻ لاءِ دل جي ساڄي پاسي کي لازماً اڳي کان گهڻيءَ سختيءَ سان ڪوئڻو/ڀيڪوڙجڻو پوي ٿو. اڳتي ھلي دل جو ساڄو پاسو ناڪاره ٿي وڃي ٿو. پلمونري ھائپرٽينشن جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا ڪرانڪ آبسٽرڪٽو پلمونري ڊزيز (ڏسو pulmonary disease ، obstructive chronic)، پلمونري ايمبولزم (pulmonary embolism)، پلمونري فائبروسس (pulmonary fibrosis) ۽ دل جون ڪجهه موروثي بيماريون (ڏسو، heart disease, congenital)، جڏھن ته اھي بنا ڪنھن ظاھري سبب به پيدا ٿي سگهن ٿيون. انھن جي پيدا ٿيندڙ تڪليفن ۾ ڳچيءَ جي وڏي ٿي ويل نس، جيري جو وڌي وڃڻ ۽ عام ايڊيما (oedema) تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن دل فيل ٿي وڃي ٿي. علاج جو مدار اصل ڪارڻ (جيڪڏھن خبر ھجي) آھر ان مقصد سان ڪجي ٿو ته جيئن تڪليفن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي، تڪليف جي وڌڻ کي گهٽائي سگهجي۽ دل کي فيل ٿيڻ کان بچائي سگهجي. جنھن ۾ آڪسيجن ٿراپي، دوائون (جھڙوڪ: اينٽي ڪوآگيولنٽس، ڊائِيوريٽڪس ۽ دوائون جيڪي ڦڦرن جي رت نلين کي موڪرو ڪن ٿيون) يا سرجري. شديد حالتن ۾ ڦڦڙ يا ڦڦڙ ـ دل جي پيوندڪاريءَ (heart-lung transplant) لاءِ سوچي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

آڏو پئي

آڏو اچي عيب ڍڪي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal