SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pulmonary embolism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pʌlmənəriː
  • embəlizəm
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pulmonary embolism

پل.مو.نري ـ ايم.بو.لِزم

ڦڦڙن ۾ ٻنج پيدا ٿيڻ، پلمونري شريان يا ڦڦڙ ۾ ان جي ڪنھن شاخ جو اِيمبولس (embolus) سبب ٻنججي وڃڻ جيڪو عام طور تي ڪنھن گهريءَ نس جي ٿرامبوسس (ڏسو، thrombosis, deep vein) ڪري ٿئي ٿو. جيڪڏھن ايمبولس ايترو وڏو ھجي جو مکيو پلمونري شريان يا گهڻا دڳ ھجن ته اھڙي حالت موتمار ٿي سگهي ٿي. پلمونري ايمبولزم تازي آپريشن، حمل ۽ اموبلٽي کانپوءِ گهڻي ممڪن ٿي سگهي ٿي. حمل روڪ (oral contraceptives) گورين سان به لاڳاپيل ٿئي ٿي ته ڪنھن خاندان ۾ ان جي ھسٽري به ھجي ٿي. ڪو شاھي ايمبولس اوچتو موت جو منھن ڏيکاري سگهي ٿو. ننڍڙا امبولي ساه جي شديد مونجهه، نبض تيز، ڦيري، ڇاتيءَ جي سور کي ساه کڻڻ دوران بدتر ۽ کنگهڻ سان رت اچي سگهي ٿي. ننڍڙا ايمبولي ڪا تڪليف پيدا نه به ڪري سگهن ٿا پر بار بار پيدا ٿيڻ جي حالت ۾ آخر پلمونري ھائپرٽينشن (pulmonary hypertension) پيدا ڪري سگهن ٿا. تشخيصڻ لاءِ ڇاتيءَ جي ايڪسري، ريڊيونيوڪلائيڊ اسڪيننگ (radionuclide scanning)، رت جون تپاسون ۽ پلمونري اينجيوگرافي (pulmonary angiography) ڪري سگهجن ٿيون. اي سي جي (ECG)، اِڪوڪارڊيوگرافي (echocardiography) ۽ وينوگرافي (venography) به ڪري سگهجي ٿي. علاج جو مدار ايمبولس جي سائيز ۽ شدت تي مدار رکي ٿو. ننڍڙو ھجي ته آھستي آھستي ڳري وڃي ٿو جنھن جي جلد ڳري ختم ٿي وڃڻ لاءِ ٿرامبولائيٽڪ (thrombolytic) دوائون ڏئي سگهجن ٿيون. اينٽي ڪوآگيولينٽ (anticoagulant) دوائن ڏيڻ سان رت جي وڌيڪ دڳن پيدا ٿيڻ جا خطرا گهٽائي سگهجن ٿا. وڏن دڳن کي خارج ڪرڻ لاءِ آپريشن جي ضرورت ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

ڪنجهر

اسم خاص. تعلقي جاتي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal