SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Puerperal fever

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • pjuːəːpərəlfiːvər

From the Dictionary of Official Terms:

Puerperal fever

ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ وارو بخار


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Puerperal fever

پيو.ئر.پيرل ـ فيور

ڇلي جو تپ، ٻار ڄڻڻ يا ڇڪيءَ اچڻ کانپوءِ عورت جي پيدائشي عضون جي ڪنھن حصي جو روڳ/ انفيڪشن، 19 صديءَ جي وچ تائين ھيءَ وچڙندڙ، ورلي موتمار ٻارن جي پراسرا بيماري اسپتال جي وارڊن جا وارڊ ٻھاري ڪيترا نوان ڄاول ابھم ماري ڇڏيندي ھئي. اڄ صحت صفائيءَ جي سخت اپائن اختيار ڪرڻ سان دنيا جي ڪيترن حصن ۾ سواءِ انھن غير معمولي حالتن جي جتي غيرقانوني طريقن سان ٻار ڪيرايا وڃن ٿا مٿين صورتحال موجود ناھي. ڇلي جي تپ کي پيوئرپيرل سيپسس (puerperal sepsis) ۽ چائلڊ بيڊ فيور (childbed fever) جي نالي سان به سڏجي ٿو. ڇلي جو تپ ھڪ قسم جو انفيڪشن عام طور تي اسٽريپٽوڪوڪل (streptococcal) بئڪٽيريا سبب پيدائشي لنگهه ۾ اينڊوميٽريم (endometrium) کي متاثر ڪري سڄي جسم ۾ پکڙجي سيپٽيسيميا (septicemia) پيدا ڪري ٿو، جنھن جون پھريون تڪليفون/ نشانيون بخار، ڏڪڻي، حد کان وڌيڪ رتھير ٿيڻ، بدبودار لوچيا (lochia)، پيٽ ۽ نھائين جو سور ٿين ٿيون. شديد حالتن ۾ سور ٽنگن ۽ ڇاتي ڏانھن پکڙجي ٿو، پيدا ٿيندڙ پيچيدگيون سنگين ۽ موتمار ٿي سگهن ٿيون. عام طور تي علاج لاءِ اينٽيبياٽڪ ڏجن ٿيون جن سان ڪيترين حالتن ۾ انفيڪشن ترت ختم ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن بيماري گنڀير حالت پيدا ڪري وجهي ته علاج شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ رت ھڻڻ ضروري ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

ڏهاڻي

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal