
Psoriasis
سو.ريا.سس
چمڙيءَ جي ھڪ عام بيماري جنھن ۾ چمڙيءَ جا ٿلها ڳاڙھا، سوزشي ٽڪرا گهڻي ڀاڱي اڇن/ چاندي جهڙن ڇلرن سان ڍڪيل ٿين ٿا. عام طور تي عمر جي 10 ۽ 30 سالن جي وچ ۾ خاندانن ۾ پيدا ٿيندا ۽ عورتن ۽ مردن کي ھڪجيترو متاثر ڪن ٿا. سورياسس ٿيڻ جي اصل ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي چمڙيءَ جا نوان سيل عام رواجي سيلن کان 10ھوڻا تيزيءَ سان پيدا ٿيندا رھن ٿا. واڌو سيل ٿلها ٽڪرا پيدا ڪن ٿا جيڪي مردار لهندڙ چمڙيءَ سان ڍڪيل ٿين ٿا. ورلي، سنڌن جي پيڙاڪن سوڄ ۽ سيٽ پيدا ٿي پوي ٿي (ڏسو، arthritis).سورياسس حملن جي صورت ۾ اٿلي پون ٿا جن لاءِ جذباتي دٻاءُ، چمڙيءَ جو ڇيھو، جسماني بيماري يا ڪي بيماريون محرڪ ثابت ٿين ٿيون. انھن نقصن جا ڪيترا نمونا ٿين ٿا. جن ۾ وڌ ۾ وڌ عام ڊِسڪوائڊ (discoid) يا پليڪ (plaque) ٿئي ٿو جنھن ۾ ڍڍر، ٽنگن، ٻانھن ۽ ڪوپريءَ تي ٽڪرا پيدا ٿي پون ٿا. گٽيٽ سورياسس (guttate psoriasis) ٻارن ۾ گهڻو عام ٿئي ٿو ۽ ان ۾ گهڻا ننڍا ٽڪرا چمڙيءَ جي وسيع ھنڌن تي پيدا ٿي پون ٿا. پسچيولر سورياسس (pustular psoriasis) ۾ ننڍڙا موھيڙا (pustules) پيدا ٿين ٿا. گهڻين حالتن ۾ سورياسس چمڙيءَ تي اھڙين دوائن مکڻ سان جن ۾ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوائون، لپريون/ اِمولائينٽس (emollients) ۽ ڪول ٽار (coal tar) ٿئي ٿو حالت بھتر ٿي وڃي ٿي. ٻين علاجن ۾ ڊٿرانول (dithranol) ملم، پي يو وي اي (PUVA)، فوٽوٿراپي (phototherapy) سان گڏ الٽراوايوليٽ بي (UVB light) روشني ۽ دوائون جھڙوڪ: ميٿوٽريڪسيٽ (methotrexate)، وٽامن ڊي انالاگس (vitamin D analogues)ڪالسيپوٽروائل calcipotriol جھڙيون) ۽ ريٽينوائڊَ (retinoids) جھڙوڪ اسيٽريٽن acitretin شامل ٿين ٿيون. عام طور تي سورياسس ڊگهو عرصو ھلندڙ بيماري ٿئي ٿي.
Related words with: Psoriasis
اکين تي کوپا چڙهڻ
ڪا ڳالهه پوريءَ طرح نه سَمجهڻ يا ڏسڻ. بي حَيا ٿيڻ ، بي غيرت ٿيڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal