SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Psoralen drugs

(click word to listen sound
  • 🔊
  • psoralen
  • drʌgstɔːr
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Psoralen drugs

سور.الين ـ ڊرگس

اھڙيون دوائون جن ۾ ھڪ ڪيميائي مادو سورالينس (psoralens) ٿئي ٿو جيڪو ڪيترن ٻوٽن ۽ ڪن خوشبوئن ۾ ٿئي ٿو. جڏھن چمڙيءَ ۾ جذب ٿي وڃي ٿو ته سورالينس، الٽراوايوليٽ روشنيءَ (ultraviolet light) سان ردعمل ڪري چمڙيءَ کي گهرو ڪري ڇڏين ٿا يا سوزش پيدا ڪن ٿا. سورالين دوائون الٽراوايوليٽ روشنيءَ سان گڏ استعمال ڪري (اھڙي گاڏڙ کي PUVA سڏجي ٿو) سورياسس (psoriasis) ۽ وِٽيليگو (vitiligo) جي علاج لاءِ استعمال ڪجن ٿا. علاج دوران الٽراوايوليٽ ۾ گهڻي وائکي ٿيڻ يا سورالين دوا جي وڏي وزن سبب چمڙي ڳاڙھي ۽ ڦلوڪڻا پيدا ٿي سگهن ٿا. خوشبوئن ۾ موجود سورالينَ روشنيءَ لاءِ حساسيت (photosensitivity) پيدا ڪري سگهن ٿا.


Remember Me Also:

گتوڄائڻ

ڪنهن به تار جي لئي وڄائڻ ، سر وڄائڻ ، ساز وڄائڻ ، سارنگيءَ يا ستار جي ڪا به لئي ڇيڙڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal