
Psittacosis/parrot disease/ornithosis
سِتَ.ڪو. سِس/ پيرٽَ ڊزيز/آرنيٿوسس
ھڪ ورلي، انفلوئينزا (influenza) سان مشابھت رکندڙ بيماري جيڪا ڪليمائيڊوفيلا ستاسي (Chlamydophila psittaci) جيوڙي رستي ڪنھن بيمار پکيءَ جھڙوڪ: ڪبوتر يا ڪڪڙين جي ڦولهڙين سبب غليظ ٿيل دز ساه رستي کڻڻ سان ٿي پوي ٿي. گهڻا ڪيس ڪڪڙين پاليندڙن يا پالتو پکين جي دڪانن تي ڪم ڪندڙن سان ٿين ٿا. بيماريءَ جي عام نشانين ۾ روڳ لڳڻ جي ھفتي سوا کانپوءِ مٿي جو شديد سور، بخار ۽ کنگهه ٿي پوي ٿي. ان جي ٻين نشانين ۾ مشڪن جو سور، نڙيءَ جي سوزش، نڪھير، سستي، اداسي ۽ ڪن حالتن ۾ ساه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. تشخيص ڪرڻ لاءِ رت ۾ ڪليمائيڊوفيلا ستاسيءَ جون اينٽيباڊيون تپاسجن ٿيون. علاج لاءِ ٽيٽراسائيڪلين (tetracycline) اينٽيبياٽڪ ڏجي ٿي. علاج نه ڪرڻ سان متاثر فرد مري سگهي ٿو.
نڪ وڍائڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal