1 سياسي تحرير لکڻ 2 آداب ۽ رسمون، جيڪي حڪومت کي ٻين حڪومت جي نمائندن سان پيش اچڻ مهل بجا آڻڻ گهرجن 3 سرڪاري يا بادشاهي، حڪومت جي فرمان جا شروع وارا حصه4 سياسي دستاويز ٺاهڻ يا لکڻ
شرف ڏيڻ- مجلسي آداب
پروٽڪال
سفارتي آداب
سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح ، جيڪو اصل ۾ هڪ اهڙو ضابطو آهي، جنهن ذريعي ڪنهن به سونپيل ذميواريءَ کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ان جي طريقي جو اڳواٽ تعين ڪري ٿو ۽ سونپيل ذميواريءَ جي سرانجاميءَ بابت اهم تفصيلن کان آگاهي ملي ٿي . هونئن ته اهو ضابطو سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ڌُرين وٽ عام جام استعمال ٿئي ٿو، پر خاص طرح حڪومتي سطح تي سفارتڪارن طرفان وڏين روايتن/آدابن ذريعي سرانجام ڏنوويندو آهي. ”پروٽڪال“ اڻ لکيل هدايتن جي صورت ۾ بجا آڻبا آهن ۽ رياست ۽ سفارتڪاريءَ جي معاملن کي هلائڻ لاءِ عام طور تي قابل قبول رويي جي وضاحت ڪندا آهن ته ڪيئن هڪڙي رياست جي سربراهه، سفارتڪار، عملدار يا ايلچيءَ جي سندس مرتبي ۽ عهدي مطابق عزت افزائي ڪئي وڃي. اهڙي قسم جي صحيح طور طريقن جي، سليقي سان طئي ٿيل قاعدن، دُنيا جي قومن وچ ۾ هڪٻئي سان مهذب انداز ۾ ورتاءُ ڪرڻ ۽ معاملا طئي ڪرڻ واري عمل کي تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
ٻئي حوالي سان ٻن رياستن وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي طور تي ڪوششون وٺي، ڪنهن به معاملي تي ذميواريون نڀائڻ يا مخصوص حد بنديون هڻڻ جي عمل کي به ”پروٽڪال“ چيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙو قدم آهي، جنهن سان دنيا کي مستقبل ۾ ڪنهن امڪاني نقصان کان بچائي سگهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ رسمي طور تي جيڪي معاهدا يا عهد ناما ٿين ٿا، ”پروٽڪال“ انهن کان ڪجهه نرم ۽ گهٽ سختيءَ وارو قانون هجي ٿو، پر 1920ع ۾ جنيوا ۾ بين الاقوامي انصاف واري عدالت (ICJ) جي قائم ٿيڻ سان، ”پروٽڪال“ کي پڻ ڪنهن به معاهدي جي برابر حيثيت ڏني وئي آهي. 1997ع ۾ گڏيل قومن طرفان ڌرتيءَ جي ماحول جي بچاءَ ۽ گرمي پد واڌ کي روڪڻ لاءِ، جپان جي شهر ”ڪيوٽو“ ۾ سڏايل عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ 15 سالن جي عرصي لاءِ هڪ ”پروٽڪال“ ترتيب ڏنو ويو، جنهن تحت ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن کي پابند ڪيو ويو، ته اُهي پنهنجن علائقن ۾ ايتريون گهڻيون صنعتون نه هڻن، جن سان ڪار بان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين زهريلين مادن جو اخراج وڌي وڃي ۽ دنيا جو ماحول تمام گهڻو گدلو ٿي وڃي . ان سهمتيءَ کي ”ڪيوٽو پروٽڪال“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سفارتي لحاظ کان طئي ٿيل ”پروٽڪال“ جو مانُ رکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ”پروٽڪال“ هميشه گڏيل ڪوششن سان ڪامياب ويندو آهي. ”ڪيوٽو پروٽڪال“ اڄ تائين انهيءَ ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، جو انهيءَ ۾ صنعت ڪاريءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي ويل ملڪن جو ساٿ ۽ سهڪار شامل نه آهي
Related words with: Protocol
معقول
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal