
Prostatitis
پراس.ٽي.ٽاءِ.ٽس
پراسٽيٽ غدود جي سوزش. عام طور تي 30 کان 50 سالن جي عمر وارن مردن کي متاثر ڪري ٿي. گهڻي ڀاڱي ڪنھن بئڪٽيريائي روڳ سبب ٿي پوي ٿي جيڪو پيشاب نليءَ (urethra) کان وگهري ٿو. يورينري ڪيٿيٽر (catheter) سبب به اھڙو امڪان وڌي وڃي ٿو. پراسٽيٽائيٽس سبب پيشاب ڪرڻ دوران سور ٿئي ٿو ۽ ھر ھر پيشاب ڪرڻو پوي ٿو. ان سبب ورلي بخار ٿي پوي ٿو ۽ آلت (penis) مان پاڻيٺ وھندي رھي ٿي. پيٽ جي ھيٺين حصي ۾ سُفري جي چؤگرد سور ۽ پيشاب ۾ رت به اچي سگهي ٿي. تشخيص سفري جي تپاس، پشاب جي چڪاسن ۽ پيشاب نليءَ جي رطوبتن جي تپاسڻ رستي ڪجي ٿي. علاج لاءِ اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون ڏجن ٿيون. ممڪن ٿئي ٿو ته تڪليف آھستي آھستي ختم ٿئي ته اٿلي به سگهي ٿي.
آهم
ضمير. مون کي آهي ، آهيم ”آهِمِ ايءُ عجب، جيئن وارئو ويڄ وهاريين“ شاهه.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal