SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Prostate cancer of

(click word to listen sound
  • 🔊
  • prɔsteit
  • kænsərəs
  • kænsər
  • ɔf
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Prostate cancer of

پراسٽيٽ ـ ڪينسر

پراسٽيٽ غدود (prostate gland) جي ڪينسري واڌ جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. مردن کي ٿي پوندڙ گهڻي عام ڪينسر گهڻي ڀاڱي پيرسن مردن کي ٿي پوي ٿي. وڌي ويل پراسٽيٽ (ڏسو، prostate, en larged) ڪيتريون تڪليفون پيدا ڪري سگهي ٿي جن ۾ پيشاب شروع ڪرڻ ۾ تڪليف، پيشاب جي ڪمزور ڌار، پيشاب ۾ رت اچڻ ۽ ھر ھر پيشاب ڪرڻ. اھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته پيشاب جو وھڻ بلڪل بند ٿي وڃي. جڏھن پيشاب جون ڪي به تڪليفون موجود نٿيون ھجن تڏھن ثانوي ڪينسرن ھجڻ سبب پھرين نشاني ھڏن ۾ سور ٿي سگهي ٿو. تپاسن لاءِ رت ۾ ھڪ پروٽين جنھن کي پراسٽيٽ اسِپيسفڪ اينٽيجين (prostate specific antigen) سڏجي ان جي سطح جاچجي ٿي جيڪڏھن ڪنھن معياري سطح کان وڌيڪ ھجي ٿي ته پراسٽيٽ ڪينسر ھجڻ جي نشاني ٿي سگهي ٿي. سفري تپاسڻ (rectal examination) سان ڊاڪٽر، غدود جي سائيز ۽ نھرائپ جو اندازو لڳائي سگهي ٿو. الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) ۽ بايوپسيءَ (biopsy) رستي پڪي تشخيص ڪري سگهجي ٿي. رت جون تپاسون (blood tests)، سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning)، ايم آر آءِ (MRI) ۽ ھڏي جي اسڪيننگ (ڏسو، radionuclide scanning) به ڪري سگهجي ٿي. ڪنھن وڏيءَ عمر جي مرد ۾ پراسٽيٽ جي معمولي ڪينسر جيڪا وگهري نه چڪي ھجي ان جي علاج ڪرائڻ جي سفارش نٿي ڪئي وڃي. نوجوان مردن جي پراسٽيٽيڪٽومي (prostatectomy)، بريڪيٿراپي (brachytherapy) يا ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ڪري سگهجي ٿي. عام طور تي گهڻي وگهري ويل ڪينسر جو، ڪينسرختم ڪندڙ دوائن يا ھارمونن رستي علاج ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

پرم گيان

ذ. علم معرفت.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal