SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Prostate, enlarged

(click word to listen sound
  • 🔊
  • prɔsteit
  • inlɑːdʒd
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Prostate, enlarged

پراسٽيٽ ـ اِن.لار.جِڊ

پراسٽيٽ غدود جي اندرين حصي جي سائيز ۾ واڌ جنھن کي بينائين پراسٽيٽڪ ھائپرپلاسيا (benign prostatic hyperplasia) به 50 سالن کان مٿي عمر جي مردن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي، جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. وڌي ويل پراسٽيٽ، پيشاب نليءَ (urethra) تي دٻاءُ وجهي منجهس بگاڙ پيدا ڪري ٿو نتيجي ۾ مثانو مڪمل پيشاب نيڪال ڪري نٿو سگهي (ڏسو، urine retention) جنھنڪري ڦوڪجي پيٽ سڄائي وجهي ٿو. ان کانسواءِ ممڪن ٿئي ٿو ته پيشاب روڪي نه سگهجي ۽ ھر ھر ايندو رھي (ڏسو، urination, frequent). پراسٽيٽ جي واڌ سفري جي تپاس (rectal examination) رستي جاچجي ٿي. تپاسن ۾ رت جي تپاس، الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning)، يوروگرافي (urography) ۽ پيشاب جي وھڪري جي زور جي رڪارڊنگ شامل ٿئي ٿي. پراسٽيٽ غدود جي ھلڪيءَ واڌ لاءِ علاج جي ضرورت نٿي ٿئي جڏھن ته شديد واڌ جي صورت ۾ عام طور تي پراسٽيٽيڪٽومي (prostatectomy) ضروري ٿئي ٿي. نه ته نعم ابدل طور الفاـ بلاڪر (alpha-blocker) يا اينٽي ـ اينڊروجن (antiandrogen) رستي علاج ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

آڳاٽائي

ث. جهونائي ، پراڻائي ، قدامت.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal