SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Propaganda

(click word to listen sound
  • 🔊
  • propaganda
  • )

From the English to Sindhi Dictionary:

Propaganda

مذهبي وغيره اصولن جي تبليغ، پرچار


From the Dictionary of Official Terms:

Propaganda

پراپيگنڊا- پرچار- الزام- تبليغ- ڦهلاءُ


From the Print Technology Dictionary:

Propaganda

نشر ۽ اشاعت


From the Dictionary of International Relations:

Propaganda

پروپئگنڊا

پرچاريت

پروپئگنڊا يا پرچار هڪ رابطائي سرشتو آهي ، جنهن ذريعي ڪنهن خاص مقصد يا نظريي جي نسبت سان عوام ۽ عام راءِ تي جانبدار طريقي سان اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان سرشتي تحت مخصوص معلومات عوام تائين پهچائڻ ۽ لڪائڻ جي عمل ذريعي انساني راءِ کي ڪنٽرول ڪبو آهي. ان کان علاوه هيءُ پرڏيهي پاليسيءَ جو پڻ هڪ اهم هٿيار آهي. هن سرشتي هيٺ مُختلف سياسي يا سفارتي معاملن بابت ڪو خاص حلقو يا طبقو، عوام ۾ پنهنجي پسند مطابق تاثر قائم ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي، اُن تي عمل شروع ڪندو آهي. قديم هندوستان ۾ ’چندر گُپت موريا‘ جي وزير ’ڪوتليا‘، بعد ۾ روم جي مُفڪر ’ميڪياويليءَ‘ ۽ ويهپن صدي عيسويءَ ۾ ’هٽلر‘ جي وزير گوئبلز هن سرشتي جي ڦهلاءَ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻي. پروپئگنڊا لفظ جو عام تاثر منفي ٿيندو آهي. هن ذريعي کي ڪتب آڻيندڙ فرد يا ادارا پمفليٽ، اخبارن، ڪتابن ۽ اڄوڪي دور ۾ خاص طور اليڪٽرانڪ وسيلن جو استعمال ڪندا آهن. اڄڪلهه جي عالمي سياست ۾ هن حربي جو استعمال تمام گهڻو وڌيل آهي. ان جي وسيلي حڪومتي تبديليءَ سميت مختلف مقصد ماڻيا وڃن ٿا. ان ڪري دنيا جون حڪومتون ۽ ٻيا سگهارا ادارا پروپئگنڊا تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ سان گڏ تمام گهاڻا وسيلا به سيڙائين ٿا


ٻارن جي لغت مان

Propaganda

گرامر noun

- اسم

پروپئگنڊا


.


Other Phrases of Propaganda used in Daily life:

Remember Me Also:

ڪاڪڙ

اسم خاص. پٺاڻن جي هڪ قبيلي جو نالو. اٺ پاڙا ١ ڪاڪڙ ٢ علي خيل ٣ احمد زئي ٤ ڌومن ٥ جلال خيل ٦ مهاخيل ٧ تران ٨ اتمان خيل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal