SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Progeria

(click word to listen sound
  • 🔊
  • progeria
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Progeria

پروجيريا

وقت کان اڳي عمر وڌڻ/ عمرجڻ. پروجيريا ٻن قسمن جي ٿئي ٿي ۽ ٻئي ورلي ٿين ٿيون. ھچنسن ـ گلفورڊ سنڊروم (Hutchinson–Gilford syndrome) ۾ عمرجڻ جو سلسلو اٽڪل 4 سالن جي عمر کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪيترين نشانين ۾ شامل ٿين ٿيون وارن جو اڇو ٿيڻ، گنجو ٿيڻ، چمڙي لڙڪي پوڻ ۽ اٿيرواسڪليروسس (atherosclerosis) 10 کان 12 سالن دوران يا اوائلي ٻالڪپڻي ۾ شروع ٿين ٿيون. عام طور تي موت نوجوانيءَ ۾ ٿئي ٿو. ورنرس سنڊروم (Werner’s syndrome) جوانيءَ يا اوائلي ٻالڪپڻي ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ ساڳي طريقي سان واڌ ڪري ٿو. ھچنسن ـ گِلفورڊ سنڊروم جو ڪارڻ اتفاقي جينياتي ميوٽيشن (mutation) ٿئي ٿو پر نه ڪي موروثي حالتن سبب. ورنرس سنڊروم ھڪ موروثي بيماري ۽ ان جو ڪارڻ ھڪ غيرمعمولي رسيسو (recessive) جين ٿئي ٿي.


Remember Me Also:

چلڻ

مصدر. [ ١ سن. چَل يا چَلَن. ٢ سن. چَلِت] هَلڻُ ، روانو ٿيڻ ، رَمَڻُ. چُرڻ. چالُو ٿيڻ. گهُمڻ. مَرڻ ، رحلت ڪرڻ ، وفات ڪرڻ. ذ هلت چلت ، وهنوار.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal