SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pressure sores

(click word to listen sound
  • 🔊
  • preʃər
  • sores
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pressure sores

پريشر ـ سور

اھڙيون السرون جيڪي چمڙيءَ جي بيھوش مريضن يا چرپرنه ڪري سگهندڙن اگهن کي ٿي پون ٿيون. انھن کي ڊيڪيوبيٽس السرون (decubitus ulcers) يا بيڊ سورس (bedsores) به سڏجي ٿو. جسم جا اھڙن عام ھنڌن ۾ شامل ٿين ٿا ڪلها، مرا، ھيٺين پٺي، سٿر، ٻنڊڙ ۽ پيرن جون تريون. پريشر سور فالج (stroke) يا ڪرنگهي جي ضربن (spinal injuries) کانپوءِ پيدا ٿي سگهن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ حس ختم ٿي وڃي ٿي. جڏھن پيشاب جهلي نه سگهجي ته نتيجي ۾ رھندڙ گهميل ھنڌ به ان جي پيدا ڪرڻ جو ھڪ سب ٿي سگهي ٿي. پريشر سورس جي شروعات ڳاڙھي، پيڙا واري ھنڌ جي صورت ۾ واڱڻائيءَ ٿي پوءِ چمڙي ڦاٽي پوي ٿي. عام طور تي ان مرحلي ۾ ڦٽ پڪريزي ٿي پون ٿا ۽ تمام آھستي ڇٽن ٿا. اونھين ۽ پراڻين السرن لاءِ اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائن رستي علاج ڪرڻ جي ضرورت ٿي سگهي ٿي ۽ ڪن ڪيسن ۾ ممڪن ٿئي ٿو ته پلاسٽڪ سرجي (plastic surgery) ڪرڻي پوي. سٺيءَ طرح سان پرگهور لهڻ سان گڏ جڏھن مريض جي باقاعديءَ سان حالت مٽائبي رھجي، چمڙيءَ جو خيال رکجي، حساس ھنڌن جو بچاءُ ڪجي، ڪشن/گديون استعمال ڪجن ۽ خاص ميٽريس استعمال ڪجي ته گهڻين حالتن ۾ پريشر سور جي واڌ کان بچي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

چڙيانروکيتر

ذ. گاهه جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal