
Premenstrual syndrome/PMS
پري.مينس.ٽرو.ئل ـ سنڊوم
ڪيترين عورتن کي ماھواري شروع ٿيڻ کان ھفتو سوا اڳ ۾ جسماني ۽ جذباتي تڪليفن جو پيدا ٿيڻ. پري مينسٽروئل سنڊروم ايترا گنڀير ٿي سگهن ٿا جنھن سبب ڪم ۽ سماجي لاڳاپا شديد متاثر ٿي سگهن ٿا. پي ايم ايس جي ڪارڻن ۾ ھارموني تبديليون ۽ وٽامنن يا معدنيات جي کوٽ ٿي سگهي ٿي پر انھن مان ڪنھن جي به تصديق نٿي آھي. جڏھن ته گهڻيون عام، جذباتي نشانيون ٿين ٿيون چڙ، ذھني دٻاءُ، اداسي ۽ ٿڪ. جسماني نشانين ۾ شامل ٿين ٿيون ڇاتين جو ڏکڻو ٿي پوڻ، پاڻيٺ جو گڏ ٿيڻ ۽ پيٽ جي ھيٺين حصي جو سور. انھن تڪليفن جو ڪو ھڪڙو علاج مڪمل طور تي ڪامياب ثابت نه ٿيو آھي. مخصوص تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ انلجيسڪ (analgesic) دوائون ۽ رليڪسنگ طريقا اختيار ڪرڻا پون ٿا. پائريڊوڪسن Pyridoxine/vitamin B6)) مان ڪيترين عورتن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. حمل روڪ گورين سان عام ماھواري بند ٿيڻ سان تڪليفون گهٽجي سگهن ٿيون.
ويڪري ڪنڊ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal