
Prematurity
پري.ميچو.ئرٽي
حمل ٿيڻ جي 37 ھفتي کان اڳ ابھم جي پيدائش، وقت کان اڳ/ ڪچو ڄاول ابھم ممڪن ٿئي ٿو ته مڪمل اسريل نه ھجڻ سبب آزاد زندگي گذاري نه سگهي ۽ سندس خاص پرگهور لهڻي پوي.اٽڪل 5 کان 10 سيڪڙو ابھم ڪچا پيدا ٿين ٿا. اٽڪل 40 سيڪڙو ڪچن ٻارن جي ڄمڻ جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي جڏھن ته باقين جا ڪارڻ جھڙوڪ: پري ـ اِڪلمپسيا (pre-eclampsia)، ھائپرٽينشن (hypertension)، ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus)، بڪين جي پراڻي بيماري ۽ دل جي بيماري ھجي ٿي. ڪچن ٻارن جي ڄمڻ جا ٻيا ڪارڻ اينٽي پارٽم ھيمريج (antepartum haemorrhage)، انٽرايوٽيرائين انفيڪشن (intrauterine infection) يا ميمبرينن جو وقت کان اڳي ڦاٽي پوڻ ٿئي ٿو. جڏھن ته ھڪ عام ڪارڻ ملٽيپل پريگننسي (multiple pregnancy) ھجي ٿو (ڏسو، pregnancy, multiple). ھڪ ڪچو ٻار، پوري وقت تي ڄاول مڪمل ٻار کان ننڍو ھجي ٿو، چرٻي ٻُر/ پشم (lanugo) سان ڍڪيل ۽ چمڙي تمام سنھي ٿئيس ٿي. سندس اندريان عضوا به پورا اڀريل نٿا ھجن، ساڻس مکيو مسئلو رِسپائريٽري ڊسٽريس سنڊروم (respiratory distress syndrome) ھجي ٿو. دماغي رتھير(brain haemorrhage)، ڪامڻ (jaundice) ۽ ھائپوگلائيسيميا (hypoglycaemia) ٿيڻ جي وڌندڙ خطري ۾ رھي ٿو. منجهس ڌائي سگهڻ ۽ جسماني گرمي پد سانڍڻ جي گهٽ لياقت ھجي ٿي، انفيڪشن ٿي پوڻ لاءِ حساس ھجي ٿو. ڪو ابھم وقت کان جيترو اڳ ڄمي ٿو اوترو منجهس مٿيان مسئلا موجود ھجڻ وڌيڪ ممڪن ٿين ٿا. عام طور تي وقت کان اڳ ڄاول ابھمن جي، ھڪ خاص ٻالڪ طور، ٻارن جي اسپيشل وارڊ ۾ انتھائي نگهداشت ھيٺ پرورش ڪجي ٿي. ٻالڪ کي ھڪ انڪيوبيٽر (incubator) ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته کيس ھٿرادو طريقي سان ساه کڻائڻ ۾ مدد ڪرڻي پوي، اِسٽمڪ ٽيوب (stomach tube) يا نس رستي پالنا ڪرڻي پوي، اينٽيبياٽڪ (antibiotic) رستي علاج ڪرڻو پوي ۽ واڌو طور تي فولاد ۽ وٽامنون ڏنيون وڃن. ھاڻ جديد طريقن رستي ممڪن ٿي پيو آھي ته 24 ھفتي به ڄمندڙ ڪيترا ٻار زنده رھن سگهن ٿا.
ڇنڊجڻ
مصدر. ”ڇنڊڻ“ مان فعل مجهول. صفا ٿيڻ. گهٽجڻ. هلڪو ٿيڻ بار.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal