SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pregnancy, drugs in

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pregnənsiː
  • drʌgstɔːr
  • in
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pregnancy, drugs in

پريگ.نن.سي ـ ڊرگس ـ ان

حمل دوران استعمال ٿيندڙ ڪي دوائون ممڪن ٿئي ٿو ته ناڙي رستي ابھم تائين رسي وڃن يا ان جي واڌ ۾ خلل پيدا ڪري وجهن. جيتوڻيڪ انھن مان نسبتاً رڳو ڪي دوائون واڌ ڪندڙ ابھم کي نقصان پھچائي سگهن ٿيون تنھن ھوندي به ڪنھن دوا کي مڪمل طور تي خاص طور تي حمل جي اوائل ۾ سلامتي وارو سمجهي نٿو سگهجي. ان سبب حامله عورتن کي ڪنھن به دوا استعمال ڪرڻ کانپوءِ چاھي اھا ڪھڙي به قسم جي ھجي اڳ ۾ پنھنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح سان واڌ ڪندڙ ابھم لاءِ تڏھن به مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو جڏھن ڪا حامله عورت الڪوحل (alcohol) استعمال ڪري ٿي، تماڪ ڇڪي (ڏسو، smoking) ٿي يا ناجائز طور تي ڪي دوائون استعمال ڪري ٿي. جن ابھمن جون مائر حمل دوران ھيروئن (heroin) استعمال ڪن ٿيون تن جو وزن گهٽ ۽ عام رواجي ٻارن جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جي پھرين ھفتن دوران مرڻ جي شرح وڌيڪ ھجي ٿي. جن ابھمن جون مائر نشي پتي جي دوائن جو نس رستي (intravenously) استعمال ڪن ٿيون اھي ايڇ آءِ وي (HIV) ٿيڻ جي وڏي خطري ۾ رھن ٿيون.


Remember Me Also:

ٽٽون

ذ. ننڍڙيءَ عمر وارو گهوڙو. ننڍي قدر وارو گهوڙو ، ڊَڊو. ڪميڻو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal