SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Precocious puberty

(click word to listen sound
  • 🔊
  • prikouʃəs
  • pjuːbətiː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Precocious puberty

پري.ڪوشس ـ پيوبرٽي

غيرمعمولي، ننڍي عمر اٽڪل 8 سالن جي ڇوڪرين ۽ 9 سالن جي ڇوڪرن ۾ ثانوي جنسي خاصيتن جو پيدا ٿيڻ. اھا ھڪ غيرمعمولي ڳالهه ٿئي ٿي ۽ مختلف نقصن سبب پيدا ٿي سگهي ٿي جيڪي جنسي ھارمونن غير معمولي ننڍيءَ عمر ۾ پيدا ڪري سگهن ٿا. ان جي ممڪن اصل ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا دماغ جي ڪا ڳوڙھي يا دماغ جون ڪي ٻيون غيرمعمولي ڳالهيون، اَڊرينل غدودن جو نقص (پيدائشي اڊرينل ھائپرپلاسيا adrenal hyperplasia)، آنيدانين جون سسٽون ۽ ڳوڙھيون يا خصين جو ڪو ٽيومر، ڪن حالتن ۾ ڪنھن به ڪارڻ جي ڄاڻ پئجي نٿي سگهي. ممڪن ٿئي ٿو ته وقت کان اڳي ھارمون خارج ٿي ھڏن کي ملائي ڇڏڻ جي نتيجي ۾ متاثر ٻار شروعات ۾ ئي ڊگها ٿي سگهن ٿا، انھن جو جيڪڏھن علاج نه ڪجي ته ڊيگهه گهٽجي وڃي ٿي. ڪنھن ٻالڪ جي بالغي جي اوسر جي اندازي جي ڇنڊڇاڻ ڪو ڊاڪٽر ئي ڪري ٿو جنھن لاءِ رت جون تپاسون (blood tests) ڪري ھارمونن جي سطح جاچي وڃي ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته ان لاءِ آنيدانين ۽ خصين جي الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) ۽ اڊرينل غدودن يا مغز جي سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning) ڪئي وڃي جنھن جو وڌيڪ مدار مشڪوڪ ڪارڻ تي ٿئي ٿو. علاج جو مدار اصل ڪارڻ آھر ڪجي ٿو، بلوغت ۾ دير وجهڻ لاءِ ھارموني دوائون ڏئي ۽ گهربل قد وڌائي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

دائو

اسم خاص. نئي بارڻ جي الهندي طرف هڪ جبل جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal