SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Postnatal depression

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pɔstneitl
  • dipreʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Postnatal depression

پوسٽ.ني.ٽل ـ ڊپ. ري.شم

ڪنھن عورت ۾ ٻار ڄڻڻ (childbirth) کانپوءِ پيدا ٿيندڙ اداسي/ مايوسي (depression). جنھن جو ڪارڻ شايد ته گاڏڙ، اوچتيون پيدا ٿيندڙ ھارموني تبديليون ۽ نفسياتي ۽ ماحولي عنصر ٿين ٿا. اداسي عام حالت کان انتھائي ھلڪي، بلڪل مختصر عرصي واريءَ (baby blues) کان ورلي، شديد اداس سائيڪوسِس (psychosis) واري ٿي سگهي ٿي. ڪيتريون مائر، ٻار ڄڻڻ جي 4 ـ 5 ڏينھن کانپوءِ سڀ کان اڳ ۾ مانديون (blues) ٿي پريشان، چيڙاڪ ۽ ڏکاريون ٿي پون ٿيون جنھن جو ڪارڻ ھارموني تبديليون ٿين ٿيون جنھن سان گڏ شايد ته مايوسيءَ (anticlimax) جو احساس يا ابھم جو ذميواريءَ جو ڇانيل احساس ٿئي ٿو. کين دلجاءِ ڏيڻ ۽ سھائتا ڪرڻ سان عام طور تي اداسي 2 ـ3 ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. اٽڪل 10 ـ 15 سيڪڙو عورتن ۾ ڪيترن ھفتن تائين اداسي باقي رھي منجهن لاڳيتو ساڻائيءَ جو احساس، سمھڻ ۾ تڪليف، بک مري وڃڻ ۽ بي آرامي پيدا ڪري ٿي. عام طور اھڙي حالت پنھنجو پاڻ درست ٿي وڃي ٿي (خاص طور تي مناسب سھائتا ڪرڻ سان) يا ان جو اينٽي ڊپريسنٽ (antidepressant) دوائن سان علاج ڪجي ٿو. عام طور تي ٻار ڄڻڻ جي 2 کان 3 ھفتن کانپوءِ نفسياتي اداسي شروع ٿئي ٿي شديد ذھني مونجهاري، نڪمي ھجڻ جو احساس، خودڪشي ڪرڻ يا ابھم کي نقصان پھچڻ ته ڪن حالتن ۾ سوداءَ ٿي پون ٿا. ابھم سان گڏ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بھتر ٿئي ٿو. عام طور تي اينٽي ڊپريسنٽ دوائون ڏيڻ ضروري ٿي پون ٿيون.


Remember Me Also:

قطب منار

اسم خاص. دهليءَ ۾ قطب الدين بادشاهه جو ٺهرايل منارو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal