
Post-traumatic stress disorder
پوسٽ. ٽرا. ما. ٽڪ ـ اِسٽريس ـ ڊس.ئارڊر
ھڪ قسم جي پريشاني جيڪا ڪنھن رنج يا دکدائڪ واقعي کانپوءِ شروع ٿئي ٿي جنھن جا عام ڪارڻ قدرتي تباھيون، تشدد، زوري زنا، آزار، سنگين جسماني پيڙا ۽ مسلح جهيڙا ٿين ٿا. جڏھن اھڙن واقعن جون ڪيترن مھينن کانپوءِ علامتون پيدا ٿين ٿيون ته انھن ۾ ماضي جون ايندڙ ياد گيريون يا ڀيانڪ مامرا، ذاتي نويڪلائيءَ جو احساس، منتشر ننڊ ۽ ڌيان ڌري نه سگهڻ جھڙيون ڳالهيون خلل پيدا ڪري وجهن ٿيون. ممڪن ٿئي ٿو ته احساس مري وڃن يا چڙ ۽ ڏوه جي احساس سبب مايوسي پيدا ٿي پوي. ڪيترا فرد پنھنجن ڪٽنبن ۽ دوستن کان حاصل ٿيندڙ سھڪار سان وقت سر پاڻ سنڀالي وٺن ٿا. جڏھن ته ڪن کي اينٽي ڊپريسنٽ، ٽراما ڪائونسلنگ، ڪاگنيٽو ـ بھيويئر ٿراپي (cognitive ehavioural therapy) يا مخصوص علاج جنھن کي آءِ مووِمينٽ ڊيسِينسِيٽائيزيشن اينڊ ريپروسيسِنگ (eye movement desensitization and reprocessing/EMDR) سڏجي ضرورت پوي ٿي. اي ايم ڊي آر ۾ اکين جي تال ۾ چرپر ڪرڻ سان گڏ معالج آڱر کي به اڳتي پوئتي ڦيرائي ٿو مثال طور؛ ساڳئي وقت دکدائڪ مامري کي به ياد ڪري ٿو. اھا ڄاڻ ڪونھي ته علاج جو اھو طريقو ڪھڙي طرح سان ڪم ڪري ٿو. جڏھن ته ڪن ڪيسن ۾ پريشاني گهٽائڻ ۾ اثرائتو ٿئي ٿو.
شناخت
ث. ف. شَناختن = سڃاڻڻ سڃاڻپ ، ڄاڻ ، پَروڙ ، پڇاڻ ، شناسائي. واقفيت ، خبر ، پَتو. عقل ، فضيلت ، شناخت.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal