SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Porphyria

(click word to listen sound
  • 🔊
  • porphyria
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Porphyria

پور.فير.ئيا

ڪنھن به گروپ جون ورلي ۽ عام طور تي پورفيرينن (porphyrins) مادي جي ذخيري ٿيڻ سبب ٿيندڙ موروثي بيماريون. متاثر ٿيندڙ فرد کي گهڻي ڀاڱي سج جي روشنيءَ سبب ڊٻڙ ۽ ڦلوڪڻا ۽ ڪن دوائن ڪري پيٽ جو سور ۽ اعصابي سرشتي ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو. جسم ۾ پورفيرن، ھيم (haem، ھيموگلوبن جو ھڪ جزو) جي ٺھڻ دوران پيدا ٿين ٿا. جيڪي مختلف جينياتي انزائيم (enzyme) جي کوٽ سبب پيدا ٿين ٿا. پورفيريا جو پيدا ٿيڻ زھرجڻ جو نتيجو به ٿي سگهي ٿي. پورفيريا 6 قسمن جا ٿين ٿيون: اڪيوٽ انٽرميٽنٽ پورفيرئيا (acute intermittent porphyria) عام طور تي اوائلي ٻالڪپڻي ۾ پيدا ٿي پيٽ جو سور۽ گهڻي ڀاڱي ٽنگن ٻانھن جو ڳڍڙيون، مشڪن جي ڪمزوري ۽ نفسياتي خلل پيدا ڪن ٿا. مريض کي بيھڻ ڏجي ته پيشاب جو رنگ ڳاڙھو ٿي وڃيس ٿو. باربيچيوريٽ (barbiturate)، فينيٽوئن (phenytoin)، حمل روڪ گوريون (oral contraceptives) ۽ ٽيٽراسائيڪلن (tetracyclines) دوائون جلد حملا ڪن ٿيون. ويريئيگيٽ پورفيرئيا (variegate porphyria) جو به ساڳيو اثر پيدا ٿئي ٿو پر اُس سان لاڳاپي ۾ ايندڙ چمڙيءَ تي ڦلوڪڻا پيدا ٿي پون ٿا. ھيريڊيٽري ڪوپروپروفيرئيا (hereditary coproporphyria) جا به ساڳيا اثر پيدا ٿين ٿا، جڏھن ته چمڙيءَ جون واڌو تڪليفون پيدا ٿي سگهن ٿيون. پروٽوپورفيرئيا (protoporphyria) ۾ عام طور تي سج جي روشنيءَ ۾ وائکي ٿيڻ سان پورفيرئيا ڪٽينيا تاردا (porphyria cutanea tarda) جيان تڪليفون پيدا ٿي پون ٿيون. ھن قسم جا ڦٽ آھستي مڙن ٿا ۽ ورلي پيشاب ڳاڙھو يا ناسي ھجي ٿو. ڪيترا ڪيس جيري جي بيماريءَ سبب تيز ٿي وڃن ٿا. انھن ۾ ورلي سنگين قسم ڪَنجينائيٽل ارٿروپوئيٽڪ پورفيريا (congenital erythropoietic porphyria) ۾ پيشاب ۽ ڏندن جو رنگ ڳاڙھو، وارن جي حد کان وڌيڪ واڌ، چمڙيءَ جا شديد ڦلوڪڻا ۽ السر ۽ ھيمولائيٽڪ اَنيمِيا (haemolytic anaemia) پيدا ڪري وجهي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته ٻالڪپڻيءَ ۾ ئي موت اچي. تشخيص، پيشاب ۽ ڪرفتيءَ ۾ پورفيرنن جي غيررواجي سطحن مطابق ڪجي ٿي. علاج ڏکيو ٿئي ٿو. سج جي روشني ۽ اھڙين دوائن کان پرھيز ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو جيڪي ان کي بدتر ڪري ڇڏين ٿيون. اڪيوٽ انٽرميٽنٽ پورفيرئيا، ويريگيٽ پورفيرئيا ۽ ھيريڊيٽري ڪوپروپورفيرئيا جي حالت ۾ گلوڪوس يا ھيميٽن ھڻائڻ سان فائدو ٿي سگهي ٿو جڏھن ته پورفيرئيا ڪٽينيا تاردا لاءِ وينيسيڪشن (venesection) ڪارائتي ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

شاهه شريان

ث. [ف. شاهه + شريان = هڪ رڳ] وڏي رڳ ، شَهه رڳ. جسم جي سڀني رڳن کان وڏي رڳ جيڪا سڄي بدن کي رت پهچائي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal