
Polyhydramnios
پالي.ھائڊ.رام.نيئوس
حمل دوران ابھم جي چوگرد پشمي پاڻيٺ (amniotic fluid) جو حد کان وڌيڪ ھجڻ جيڪو 250 حملن مان ھڪ ۾ ٿئي ٿو جنھن جو عام طور تي ڪو سبب نٿو ھجي. ورلي، اھا صورتحال تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن ابھم ۾ ڪنھن نقص سبب عام رواجي طريقي سان ڳھي سگهڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو يا جڏھن حامله کي ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ھجي ٿي. عام طور تي واڌو پشمي پاڻيٺ، حمل جي ٻئي اڌ ۾ گڏ ٿي اٽڪل 32 ھفتي کان نشانيون پيدا ڪرڻ شروع ڪري ٿي. مکيو نشاني/تڪليف پيٽ جو اھنج ٿئي ٿو. ٻين ممڪن تڪليفن ۾ ساه جي مونجهه ۽ ٽنگن جي سوڄ ٿئي ٿي. عام طور تي ڳڀيرڻ جي جيتري وڏي ھجڻ جي اميد ڪجي ٿي ان کان وڏي ھجي ٿي. ورلي، پاڻيٺ تيزي سان گڏ ٿي پيٽ جو سور، ساه جي مونجهه، اوڪارا، الٽي ۽ ٽنگ جي سوڄ پيدا ڪري وجهي ٿي. نتيجي ۾ وقت کان اڳ ۾ ويم جا سور شروع ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ جسماني تپاس مان اھڙيءَ حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تنھن ھوندي به الٽراسائونڊ ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. ھلڪيءَ تڪليف جي حالت ۾ رڳو آرام ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. گهڻي شديد حالت ۾ سئي رستي پشمي پاڻيٺ خارج ڪري سگهجي ٿي. حمل جي آخري ڏينھن ۾ ويم جا سور شروع ڪرائڻ ضروري ٿي سگهن ٿا.
گڏر
ذ . صفت. گَگهو ، وڏو چولو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal