
Polycythaemia
پالي.سي.ٿي.ميا
ھڪ اھڙي تڪليف جنھن جي مکيو نشاني رت جي ڳاڙھن سيلن (red blood cells) جي پيداوار وڌي رت ۾ انھن جو غيرمعمولي انگ ٿي وڃي ٿو. ان کانسواءِ رت جي ريزن (platelets) ۽ اڇن سيلن (white blood) جو تعداد به وڌي وڃي ٿو. عام طور تي پاليسيٿيميا ھڪ ٻئي نقص يا ھائپوڪسا (hypoxia) سبب ٿي پوي ٿي جنھن کي سيڪنڊري پاليسيٿيميا (secondary polycythaemia) سڏجي ٿو. جيڪڏھن اھو نقص بنا ڪارڻ ٿي پوي ته پاليسيٿيميا ويرا (polycythaemia vera) يا پرائمري پاليسيٿيميا (primary polycythaemia) سڏجي ٿي. سيڪنڊري پاليسيٿيميا قدرتي طور تي مٿاھن ماڳن تي آڪسيجن جي گهٽ سطح ھجڻ سبب ٿي پوي ٿي. ساڳي حالت ڪنھن اھڙي نقص سبب به پيدا ٿي پوي ٿي جيڪو آڪسيجن جي رسد متاثر ڪندڙ ھجي يا جيري جي ڪينسر يا گردن جي ڪن نقصن سبب ٿي پوي ٿي. سامونڊي سطح تي لهي اچڻ/ رھڻ سان يا ڪارڻ جو اثرائتي علاج ڪرڻ سان رت وري عام رواجي حالت کي پھچي وڃي ٿو. پاليسيٿيميا ويرا ھڪ ورلي ٿيندڙ نقص عام طور تي 40 سالن کان وڏيءَ ڄمار وارن کي متاثر ڪري ٿو. رت جي ڳاڙھن سيلن جو وڏو انگ رت جو مقدار وڌائي رت کي گهاٽو ڪري ڇڏي ٿو جنھن سبب مٿي جو سور، ديد ڌنڌلي ۽ ھائپرٽينشن ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ چمڙي ڳاڙھي، ڦيري، رات جو پگهر اچڻ ۽ خارس به عام ٿي پوي ٿي. عام طور تي تري وڌي وڃي ٿي. ممڪن پيچيدگين ۾، سولائي سان رت وھي پوڻ يا رت جي دڳن جو پيدا ٿيڻ، فالج (stroke) ۽ مائلوفائبروسس (myelofibrosis) يا شديد ليوڪيميا (ڏسو، leukaemia, acute)ٿي سگهي ٿي. تشخيص، جسماني تپاس، رت جي چڪاسن (blood tests) ۽ ٻين ڪارڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪجي ٿي. علاج وينيسيڪشن (venesection) رستي ورلي، ايسپرِن (aspirin)، اينٽي ڪينسر (anticancer drugs) دوائن، ريڊيوايڪٽِو فاسفورس (radioactive phosphorus) يا انٽرفيران (interferon) جو گڏيل ڪجي ٿو جنھن سان ڪيترا مريض 10 کان 15 سالن تائين زنده رھي سگهن ٿا.
تلون
ذ. [ع. لَون رنگ < تَلَوُن] رنگ بدلائڻ جي حالت. رنگن جي تبديلي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal