
Polyarteritis nodosa
periarteritis nodosa
(پولي.آر.ٽي.راءِ.ٽس ـ نوڊوسا) وچٿري سائيز جي شريانن جي ورلي ٿيندڙ ھڪ بيماري جنھن کي پيري آرٽيرائيٽس نوڊوسا (periarteritis nodosa) نالي سان به سڏجي ٿو، ان ۾ شرياني ڀتين جا حصا سوزشي، ڪمزور ۽ انُورزم (aneurysms) جو ممڪن شڪار ٿي سگهن ٿا. اھڙي حالت جي شدت جو مدار متاثر شريان تي ٿئي ٿو ته اھي ڪيتريون متاثر ۽ ڪمزور ٿي چڪيون آھن. ان جو ڪارڻ اِميون سرشتي (immune system) ۾ خلل لڳي ٿو جنھن کي ورلي ھيپيٽائيٽس بي (hepatitis B) جو وائرس چوڪ ڏئي ٿو. گهڻا عام بالغن ۽ عورتن کان وڌيڪ مرد متاثر ٿين ٿا. پولي آرٽرائيٽس نوڊوسا جي شروعاتي نشانين ۾ بخار، مشڪن ۽ سنڌن جو ڏکڻو ٿي پوڻ ۽ عام اگهائپ ، بک مري وڃڻ، وزن گهٽجي وڃڻ ۽ ورلي اعصابي سور ٿين ٿيون. ھاپرٽينشن (hypertension)، چمڙيءَ جي السر ۽ گينگرين (gangrene) به ٿي سگهي ٿي. ڪورونري شريانون متاثر ٿي پون ته مايوڪارڊيئل انفارڪشن (myocardial infarction) ٿي سگهي ٿو. ڪيترن مريضن کي پيٽ جو سور، اوڪارا، الٽي، دست ۽ پيٽان رت به اچي سگهي ٿو. بيماريءَ جي تشخيص بايوپسي (biopsy)، ايم آر آءِ (MRI) ۽ اينجيوگرافيءَ (angiography) رستي ڪجي ٿي. ڪورٽيڪو سٽيروائڊ (corticosteroids) ۽ ورلي حالتن ۾ اِميونوسپريسنٽَ (immunosuppressants) ڏيڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن تائين زنده رھي سگهجي ٿو. علاج بنا رڳو ڪجهه مريض ايترو وقت زنده رھي سگهن ٿا.
تپاسو
ذ. پتاسو ، پتاشو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal