SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Polyarchic

(click word to listen sound
  • 🔊
  • polyarchic
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Polyarchic

پولي آرڪڪ

سهڪاري حُڪومت

اهڙي حڪومت، جنهن ۾ مهذب سماج سڀ واسطيدار حلقا ۽ مخالف سياسي ڌُر به پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ مُلڪ جي هر سياسي جماعت کي حڪومتي معاملن ۾ بهتري آڻڻ جو حق ٿئي ٿو. اهڙي طرح سان چئي سگهجي ٿو ته هي هڪ اهڙو سياسي سرشتو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به حوالي سان ڪو هڪ فرد يا آمر حڪومتي وهنوار نه ٿو هلائي، بلڪه هڪ حڪومتي سرشتي ۾ جڏهن ڪاروهنوار مُختلف ڌرين جي صلاح ۽ سهمتيءَ سان هلي، ته اهڙي رياست يا ملڪ کي سهڪاري رياست (Polyarchic State) طور سڃاتو وڃي ٿو. يورپي ملڪن ۾ ڪيترين رياستن ۾ هن قسم جي حڪومت قائم ڪيل هوندي آهي. يورپ ۾ ٿيل اهڙن ڪامياب تجربن کان پوءِ سياسي دانشورن طرفان پنهنجن تجزين ۽ تحقيق ۾ عام طرح اهو خيال ظاهر ڪيو ويو، ته اهڙي قسم جون حڪومتون ڪنهن آمراڻي حڪومت کان وڌيڪ امن پسند، سلامتي گهُرندڙ ۽ انساني ڀلائيءَ وارن روين کي ترجيح ڏيڻ واريون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جي حڪومتن ۾ عوام، پاليسيون ٺاهيندڙن کي ڪنهن به سخت پاليسي ٺاهڻ کان روڪي سگهندو آهي. ڪنهن آمر جي حڪومت هيٺ عوام کي حڪومتي پاليسين جي جوڙجڪ ۾ دخل ڏيڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ان ڏس ۾ جديد دور ۾ ٿيل تحقيق ۾ بهرحال اهڙين ڳالهين جي نفي ٿيل آهي. جديد کوجنا موجب هر حڪومت، پاليسيون ٺاهيندڙن کي وقت ۽ حالتن جي مطابق پاليسيون ٺاهڻ جون هدايتون ڏيندي آهي، بعد ۾ هر حڪومت جوڙيل پاليسيءَ کي گهڻي قدر لاڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي آهي پوءِ ڀلي ته اهي پاليسيون ڪيتريون به سخت ڇو نه هجن ۽ سندن ظاهري رُخ انتهائي اڻ وڻندڙ ڇو نه هجي


Remember Me Also:

ڪاريجا

اسم خاص. تعلقي موري ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal