SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Poliomyelitis

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • pouliəumaiəlaitis

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Poliomyelitis

پو.ليو.مايالائيٽس

لولو تپ، ھڪ وچڙندڙ وائرسي بيماري جنھن کي عام زبان ۾ ’پوليو‘ سڏجي ٿو. عام طور تي ھلڪي پر سنگين حالتن ۾ مغز ۽ مغزي ڏوري متاثر ڪري ٿي ته ورلي فالج يا موت جو به سبب بڻجي سگهي ٿي. وائرس، متاثر فرد جي ڪرفتيءَ مان کاڌي رستي پکڙجي ٿو. وائرس ھوا رستي به پکڙجي سگهي ٿو. جن ملڪن ۾ صحت صفائي سٺي نٿي ھجي اتي گهڻن ٻارن ۾ زندگي جي اوائل ۾ ھن وائرس ۾ وائکي ٿيڻ سبب مدافعت پيدا ٿئي ٿي جنھنڪري وائرس ورلي سنگين بيماري پيدا ڪري سگهي ٿو. جن ملڪن جي صحت صفائي جا معيار سٺا ھجن ٿا اتي ھيءَ بيماري نٿي ٿئي پر ۽ جي ٻارن جي ويڪسين ٿيل نٿي ھجي ته وبائي صورت ۾ پکڙجي سگهي ٿي. اھوئي سبب آھي ته انگلئنڊ ۾ 1993 کان پوليو جو ڪو به ڪيس ظاھر نه ٿيو آھي. ڪيترن متاثر ٻارن ۾ پوليو جون نشانيون ظاھر نٿيون ٿين. ٻين کي وائرس جي 3 کان 5 ڏينھن جي انڪيوبيشن پيريڊ (نسرڻ جي عرصي) کانپوءِ ھلڪو بخار، نڙيءَ جو سوزش، مٿي جو سور ۽ الٽي ٿي پوي ٿي. ڪيترا ٻار مڪمل طور تي صحتياب ٿي ته وڃن ٿا پر ممڪن ٿئي ٿو ته کين ميننجس (meninges) جي سوزش ٿي پوي. جنھن جون نشانيون بخار، شديد مٿي جو سور، ڳچي ۽ پٺي سيٽيل ھجڻ ۽ مشڪن جي سور سان گڏ ڳڍڙيون ۽ عام جهٽڪا پئجي سگهن ٿا. عام طور تي فالج ڪجهه ڪلاڪن اندر گهڻي ڀاڱي ٽنگون ۽ ھيٺيون ڍڍر متاثر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏھن انفيڪشن، برين اسٽيم (brainstem) ڏانھن پکڙجي وڃي ته ڳِھڻَ ۽ ساه کڻڻ مڪمل طور تي متاثر ٿي سگهي ٿو. تشخيص لاءِ لمبر پنڪچر (lumbar puncture)، رت جي تپاس، نڙيءَ جي سُواب (ڪپھه جي پھي) رستي يا ڪرفتي جي نموني جي چڪاس ڪجي ٿي. مخصوص فالج سان گڏ شديد ڪڻسيل بيماري مان ترت، بيماري ھجڻ جي پڪ ڪري سگهجي ٿي. پوليو جو اثرائتو علاج ڪونھي. عام طور تي غيرفالجي (nonparalytic) مريضن جو علاج بستري جي آرام ڪرڻ ۽ اَنلجيسڪ (analgesic) دوائن رستي ڪجي ٿو. فالج جي حالت ۾ فزيوٿراپي (physiotherapy) ۽ ورلي حالتن ۾ ڪيٿيٽيرائيزيشن (catheterization)، ٽريڪيئوسٽومي (tracheostomy) ۽ ھٿرادو ساه کڻائڻ جي ضرورت ٿي سگهي ٿي. غيرفالجي پوليو (nonparalytic polio) مان مڪمل طور تي بحال ٿي وڃجي ٿو. جن کي فالج ٿي پوي ٿو تن مان اڌ کان مٿي مڪمل صحتياب ٿي وڃن ٿا، چوٿين حصي کان ڪجهه وڌيڪ شديد معذوري جو شڪار ٿين ٿا ۽ 10 مان 1 فوت ٿي وڃي ٿو. انگلئنڊ ۾ پوليو جي بچاءَ جي ويڪسين عمر جي 2، 3 ۽ 4 مھيني ۽ ان جا بوسٽر ڊوز 3 سال ۽ 4 مھيني يا ترت پوءِ ۽ 13 کان 18 سالن ۾ ھنيا وڃن ٿا. ھاڻ جيڪا ويڪسين ھنئي وڃي ٿي ان ۾ اِنئيڪٽِيويٽيد (inactivated) پوليو وائرس ٿئي ٿو ته جيئن ان جا گهٽ ۾ گهٽ ردعمل پيدا ٿي سگهن.


Remember Me Also:

رفوگر

ذ. صفت. بور ڀريندڙ. ڦاٽل ڪپڙن جي مرمت ڪندڙ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal