SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Policy Laundering

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pɔləsiː
  • lɔːndəriŋ
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Policy Laundering

پاليسي لانڊرنگ

ناڻي لڪائڻ وارو عمل

جئين ڪارو ناڻو لڪائڻ واري عمل کي Money Laundering چئبو آهي، تيئن ٻه رياستون جڏهن پنهنجون جوڙيل اصل پاليسيون لڪائي، بظاهر نرم ۽ ڦلهڙا موقف رکي، سڀني سان مهذب ۽ مٺيون ٿي هلنديون آهن، ته ان حڪمت عمليءَ کي ”اصل لڇڻ لڪائڻ“(Policy Laundering) جي اصطلاح سان سڃاتو ويندو آهي. هن دائري ۾ ٻن ملڪن طرفان هڪٻئي سان ٿيندڙ ڳجها معاهدا خاص طور شامل هجن ٿا، ڇاڪاڻ جو بعد ۾ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، ته منجهانئن ڪهڙي ڌر ڪهڙا اقرار ۽ ذميواريون پاڻ تي کنيون هيون. جيئن ته اڪثر ڪري اهي اتحاد، ٻنهي ملڪن جي عوامي ردعمل کان بچڻ يا آئيني ۽ قانوني ادارن جي منظوري نه ملڻ جي ڀَوَ کان ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري مجموعي طور نه ڪنهن ڌر کي اجتماعي فائدو پوندو آهي، ۽ نه وري علائقي ۾ امن ڀري صورتحال جڙي سگهندي آهي. ان سلسلي جو هڪ چٽو مثال پاڪ آمريڪا لاڳاپا آهن. جن ۾ پاڪستاني حاڪم پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ عوامي دٻاءَ کان ڪَنُ هڻندي، آمريڪا سان تعاون جا کليل معاهدا ڪرڻ کان لهرائين ٿا، پر اندروني طور پاڪستان جي علائقي ۾ مڙني آمريڪي سرگرمين کي ”خاموش اجازت“ مليل هوندي آهي. اهڙي پاليسيءَ جي نتيجي ۾ عارضي طور ڪن شخصن/گروهن جو اقتدارته مضبوط ٿيو هوندو، پر پاڪستان جي عوام ۽ رياست کي دهشتگردي، بدامني ۽ لاقانونيت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ملي سگهيو آهي


Remember Me Also:

ڪاتي پائڻ

سِر تي ڪاتي وهائڻ. مصيبت ۾ منهن وجهڻ ، سِر جو سانگو لاهِڻ. پنهنجي خودي ناس ڪرڻ ، پاڻ مارڻ ، پنهنجو هٺ وڃائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal