
وهاٽ
وِهاٽَ
Poisoning
پواءِ،زننگ
زھر کائي، ساه رستي جسم ۾ وڃي، چمڙيءَ رستي جذب ٿي يا چمڙيءَ ھيٺان ھڻي به سگهجن ٿا. زھر جسم ۾ تڏھن به پيدا ٿي سگهن ٿا جڏھن بئڪٽيريا اينڊوٽاڪسنَ (endotoxins) يا ميٽابولي نقص (metabolic disorders) زھريلا مادا پيدا ڪن ٿا يا انھن کي گڏ ٿيڻ ڏين ٿا. زھرجڻ جو عمل شديد (ٿوري عرصي ۾ زھر جو وڏو مقدار) يا پراڻو (زھر جو آھستي آھستي گڏ ٿيڻ جيڪو ترت خارج ٿي نٿو سگهي) به ٿي سگهي ٿو. عام طور تي ننڍا ٻارڙا غير ارادتاً زھرجڻ جو شڪار ٿين ٿا. وڏا غلطيءَ وچان دوا جو وڏو وزن واپرائي زھرجڻ جو شڪارٿي پون ٿا (ڏسو، drug poisoning)، يا وٽامن يا معدني سپليمينٽ جو گهڻو وڏو وزن استعمال ڪري وجهن ٿا، ڪارخاني ۾ زھريلن مادن ۾ وائکا ٿي پون يا انھن جو ناجائز استعمال ڪن يا خودڪشي ڪرڻ لاءِ زھر جو ڄاڻي واڻي استعمال ڪن ٿا.
ٽنگڻي
ث. ڀت وغيره ۾ ڪنهن شي لٽڪائڻ ڪِلي ڪوڪو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal