SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pneumoconiosis

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • njuːmɔkəniousis

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pneumoconiosis

نيوموڪوني.ئو.سس.

ڪن قسمن جي معدني دز ساه رستي کڻڻ سان پيدا ٿيندڙ ڦڦڙن جون بيماريون. دز جا رڳو 0.005 م.م ٿلها ذرڙا ڦڦڙن جي آلويولي (alveoli، ھوائي ڳوٿرين) تائين پھچي، ذخيرو ٿي سوڄ ۽ رھڙون/ اسڪيئرنگ پيدا ڪري سگهن ٿا. نيوموڪونيئوسس جا مکيا قسم ٿين ٿا: ايسبيسٽوسس (ڏسو، asbestos-related diseases)، ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جي نوموڪونيئوسس ۽ سليڪوسس (silicosis) جيڪا سليڪا دز سبب ٿئي ٿي. نوموڪونيئوسس پيدا ڪندڙ دز ۾ وائکي ٿيڻ کانپوءِ ان جي نشانين ظاھر ٿيڻ ۾ ھڪ ڊگهو وقت لڳي ٿو تنھنڪري عام طور تي ان جي نشانين پيدا ٿيڻ کان اڳ ڇاتيءَ جي ايڪسري (X-ray) رستي ڄاڻ رکجي ٿي. ان جي مکيو نشاني ساه کڻڻ جي لڪائي ٿئي ٿي. گنڀير حالتن ۾ ڪور پلمونيلي (cor pulmonale) يا اِمفيسيما (emphysema) پيدا ٿي سگهي ٿي. ايسبِيسٽوس يا ھيميٽائيٽ (haematite) ۾ وائکي ٿيڻ کانپوءِ ٽي بيءَ (tuberculosis) يا ڦڦڙ جي ڪينسر (lung cancer) ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. تشخيص جو مدار دزن ۾ وائکي ٿيڻ جي ھسٽريءَ، ڇاتيءَ جي ايڪسريز، جسماني تپاس ۽ ڦڦرن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت چڪاسڻ (pulmonary function tests) تي ٿئي ٿو. بيماريءَ جو علاج موجود ڪونھي سواءِ پيدا ٿيندڙ پيچيدگين کي ختم ڪرڻ جي. اڳتي لاءِ دز ۾ وائکي ٿيڻ کان پاسيرو رھڻو پوي ٿو.


Remember Me Also:

بالجبر

ظرف. زور سان ، زبردستي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal