SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Placental abruption

(click word to listen sound
  • 🔊
  • placental
  • əbrʌpʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Placental abruption

پلي.سين.ٽل ـ ابرپشن

ٻار ڄمڻ کان اڳ ڳڀيرڻ مان اؤر جو مڪمل يا جزوي طور تي الڳ ٿي وڃڻ. ان جي ڪارڻ جي مڪمل ڄاڻ ڪونھي پر پليسينٽل اَبرپشن انھن عورتن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي جن کي ھڪ ڊگهي عرصي کان ھائپرٽينشن رھي ٿو يا اڳين حمل ۾ رھيو آھي يا ڪيترا ڀيرا حمل ٿيو آھي. تماڪ ڇڪڻ، گهڻو الڪوحل پيئڻ ۽ ڪوڪين جو استعمال ڪرڻ به پليسينٽا اَبرپشن جو خطرو وڌائي سگهن ٿا. ان جون نشانيون/ تڪليفون اوچتو شروع ٿين ٿيون جن جو مدار ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته اؤر ڪيتري قدر ڳڀيرڻ مان الڳ ٿي چڪي آھي. ان آھر، گرڀ ناليءَ مان ھلڪي کان ججهي رتھير (bleeding) ٿي سگهي ٿي جيڪڏھن اؤر مڪمل طور تي الڳ ٿي چڪي آھي ته رتھير شديد ٿي سگهي ٿي، پيٽ ۾ ڳڍڙيون يا پٺيءَ ۾ سور، پيٽ جو لاڳيتو شديد سور ۽ ابھم جي چرپر گهٽجي ويل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن رتھير بند ٿي نه سگهي يا وري ٿي پوي ته ٻار ڪيرائڻ ضروري ٿي سگهي ٿو (ڏسو، induction of labour). اؤر جي معمولي الڳ ٿيڻ جي حالت ۾ ان جو عام طور تي علاج اسپتال ۾ بستري جو آرام ڪرڻ ٿئي ٿو، عام طور تي پليسينٽل اَبرپشن جي گنڀير حالت ۾ ھنگامي سيزيرين سيڪشن (caesarean section) رستي ابھم جي زندگي بچائڻ ضروري ٿي پوي ٿي.جنھن لاءِ ورلي رت به ھڻائڻي پوي ٿي.


Remember Me Also:

فرياد ڪرڻ

دانهن ڪرڻ ، ڪُوڪ ڪرڻ ، پُڪارَڻُ. انصاف لاءِ گهُر ڪرڻ. ڪيس ڪرڻ ، دعويٰ ڪرڻ ، مقدمو ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal