SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pituitary tumours

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pituitary
  • tumours
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pituitary tumours

پِ.ٽيو.ئِٽري ـ ٽيومرس

پٽيوئٽري ۾ ورلي ڳوڙھيون گهڻي ڀاڱي اَڪينسري (noncancerous) پيدا ٿين ٿيون جڏھن ته ڳوڙھين جي واڌ ڏسڻين تنتن (optic nerves) تي دٻاءَ وجهي ديد جا نقص پيدا ڪري سگهي ٿي. پٽيوئٽري جي ڳوڙھين پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن جي ڄاڻ ڪونھي، انھن ڪري ھارمون جي اڻ پوري پيداور ٿئي ٿي، جنھن سبب ماھواري بند ٿيڻ يا تخمي جيون (sperm) جي گهٽ پيداوار ٿيڻ جھڙا ڪيترا مسئلا پيدا ٿي پون ٿا. ڳوڙھين سبب غدود حد کان وڌيڪ ھارمون به پيدا ڪري سگهن ٿا. گروٿ ھارمونن جي حد کان وڌيڪ پيداوار سبب ديو قامت قد بت (gigantism) يا ايڪروميگالي (acromegaly)، ٿائروائڊ ـ اسٽيميوليٽنگ ھارمون (thyroid-stimulating hormone/TSH) جي تمام گهڻي پيدا ٿيڻ سبب ھائپرٿائروائڊزم (hyperthyroidism) ٿي سگهي ٿو. تشخيص لاءِ رت جون تپاسون، ايڪسريز، پٽيوئٽري جي ايم آر آءِ (MRI) ۽ ديد جون عام تپاسون ڪجن ٿيون. ڳوڙھين خارج ڪرڻ لاءِ ممڪن ٿئي ٿو ته آپريشن، ريڊيوٿراپي ((radiotherapy ، ھارمون رِيپليسمينٽ (hormone replacement) دوائون (جھڙوڪ: bromocriptine or somatostatin analogues) يا انھن طريقن جو گڏيل نموني سان علاج ڪجي.


Remember Me Also:

پڪو ڪرڻ

ڏاڍو ڪرڻ ، مضبو ڪرڻ. ياد ڪرڻ سبق. سيکاري پختو ڪرڻ. سوئر کي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪنهن جهنگ ۾ ويهارڻ ت.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal