
فوبيا- رحم- خوف- خوف جو مرض
Phobia
فوبيا
خبط، خوف، دھشت. سدائين، بنا جواز جي رھندڙ ڊپ ۽ ڪنھن کان پاسو ڪرڻ خاص طور تي ڪنھن جسم يا صورتحال کان لهرائڻ. فوبيا کي ھڪ نفسياتي بيماري سمجهجي ٿو جيڪا عام رواجي سماجي ڪمن ڪارين ۾ خلل پيدا ڪري ٿي. مفرد ڊپ (مخصوص ڊپ) گهڻا عام ٿين ٿا. جن ۾ مخصوص جانورن ۽ صورتحالن کان جھڙوڪ: بند جاين کان ڊڄ (claustrophobia) رھي ٿو. عام طور تي جانورن کان ڊپ ٻالڪپڻي کان شروع ٿئي ٿو ته ٻيا ڪنھن وقت به پيدا ٿي پون ٿا. انھن جي علاج جو مدار حالت جي شدت تي ٿئي ٿو. اگروفوبيا (agoraphobia) ۾ ته وڌيڪ سنجيده ڊپ ٿئي ٿو جنھن سبب سنگين بيماري پيدا ٿي پوي ٿي. عام طور تي ان جي شروعات عمر جي پھرين ڏھاڪي جي آخر يا 20 جي اوائل ۾ ٿئي ٿي. سماجي ڊپ (social phobia) ۾ ٻين جي ٽوڪ ۽ جرح کان ڊپ رھي ٿو ته مجموعي ۾ کائڻ سان ماڻھو ڇا سمجهندا يا انبوه ۾ ڳالهائڻو پوندو. اھو نقص عام طور تي ٻالڪپڻي جي آخر ڌارا يا اوائلي نوجوانيءَ ۾ شروع ٿئي ٿو. خبطن جي شروع ٿيڻ جي ڪارڻن جي سڌ ڪونھي. مفرد ڊپ مشروط ٿين ٿا. مثال طور؛ ڪنھن فرد جو ڪتن کان ڊپ ممڪن ٿئي ٿو ته کيس ٻالڪپڻي ۾ ڪنھن ڪتي جي ڏاڙھڻ سبب پيدا ٿي پيو ھجي. ڪنھن ڊيڄاريندڙ جسم يا صورتحال ۾ ظاھر ٿيڻ سان شديد پريشاني (anxiety) پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪن حالتن ۾ حملي جي ڏھڪاءَ (panic attack) ۾ رھجي ٿو. ڊپ واري ڪيفيت اداسيءَ (depression) يا آبسيسِو ڪمپلسو بھيويئر (obsessive compulsive behaviour) سان به لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي. علاج، سڀاءَ سنوارڻ ۽ ورلي اينٽي ڊپريسنٽ (antidepressant) دوائن رستي ڪجي ٿو.
Related words with: Phobia
خرچڻو
ذ. گهوٽيتن طرفان ڪنواريتن کي مَهر طور ڏنل رقم.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal