
Phimosis
في.مو.سِس
آلت جي کوپي (foreskin) جي سوڙھي ٿي وڃڻ سبب سوپاري تي وري نه سگهڻ. اڻ طھريل ابھمن ۾ فيموسس ڪنھن حد تائين عام رواجي سمجهيو وڃي ٿو جيڪو 3 يا 4 سالن جي عمر تائين بھتر ٿي وڃي ٿو. ڪن ڇوڪرن ۾ اھا حالت برقرار رھي ٿي ۽ پيشاب ڪرڻ وقت کوپو ڦوڪڻي جيان ٿي وڃي ٿو. سوڙھي کوپي کي ورائڻ جي ڪوشش ۾ حالت تھانئين بدتر ٿي وڃي ٿي. فيموسس بالغن ۾ به ٿي سگهي ٿي ۽ انگيز تڪليف وارو ٿئي ٿو جنھن سبب پيرافيموسس (paraphimosis) پيدا ٿي سگهي ٿي. جيئن ته سوپاري کي درست طريقي سان صاف ڪري سگهڻ ممڪن ٿي نٿو سگهي تنھنڪري بَيلينائٽس (balanitis) پيدا ٿي سگهي ٿي. ٻنھي، ابھمن ۽ نوجوانن ۾ ان جو علاج طھر ڪرائڻ ٿئي ٿو، مردن جيان ساڳي حالت عورتن جي ککڙيءَ سان پيدا ٿي سگهي ٿي.
Related words with: Phimosis
ڏاٽي
ڏاٽي جو مُؤنث. ننڍڙو ڏاٽو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal