
Phenylketonuria
في.نائيل.ڪيٽو.نوريا
ھڪ قسم جي موروثي بيماري جنھن ۾ جيڪا انزائيم (enzyme) امينو تيزاب فينل الينين (phenylalanine) کي ٽائروسين (ھڪ ٻئي امينو تيزاب ۾) ۾ تبديل ڪري ٿي ناقص ھجي ٿي. جيستائين کاڌي مان فينالالين خارج نه ڪجي ته جسم گڏ ڪندو رھي ٿو جنھن سبب سکڻ ۾ سخت تڪليفون پيدا ٿين ٿيون. نون ڄاول سڀني ابھمن جي فينائيلڪيٽونوريا (ڏسو، blood spot screening tests) جي جاچ ڪجي ٿي. متاثر ابھم نقص جو ڪجهه نشانيون ظاھر ڪن ٿا، جيستائين فينالالين کان پرھيز نه ڪجي ته اھي اعصابي خلل پيدا ٿين ٿا جن ۾ مرگهي شامل ٿئي ٿي. انھن جا وار ڪڪا، اکيون نيريون ۽ پيشاب ۾ ڪُئِين جھڙي بوءِ ٿئي ٿي. گهڻن کي مَلو (eczema) ٿي پوي ٿو. فينل الينين ڪيترن پروٽين وارن کاڌن ۽ ھٿرادو مٺائڻ ۾ ٿئي ٿو. جنھن سبب سڄيءَ عمر لاءِ مخصوص کاڌو کائڻ جي صلاح ڏجي ٿي (خاص طور تي حمل دوران ڇاڪاڻ ته فينل الينين جو گهڻو مقدار ابھم کي نقصان پھچائي سگهي ٿو).
مشاط
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal