SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Phacoemulsification

(click word to listen sound
  • 🔊
  • phacoemulsification
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Phacoemulsification

فيڪ.و.امل.سي.فِڪي.شن

ھڪ اھڙي ورلي ٿيندڙ سيلن جي ڳوڙھي جيڪا اپِينيفرين (epinephrine/adrenaline) ۽ نوريپينيفرين (norepinephrine/ noradrenaline) پيدا ڪري ٿي. جنھن سان ھارمونن جي پيداوار وڌي ھائپرٽينشن (hypertension) ۽ اَرِڌمياس (arrhythmias) پيدا ڪري ٿي. عام طور تي ڳوڙھي اَڊرينل غدود جي مِڊولا (medulla) ۾ پيدا ٿئي ٿي. ڳوڙھيون نوجوانن ۽ وچولي عمر جي فردن ۾ گهڻيون عام ٿي پون ٿيون. اڪثر وقتن تي ان جي رڳو نشاني ھائپرٽينشن ٿئي ٿي، جڏھن ته ڳوڙھيءَ تي پوندڙ دٻاءُ، جذباتي پريشاني، بيھڪ ۾ تبديلي يا بيٽا بلاڪر (beta-blocker) دوائون ھارمونن جي پيداوار ۾ چاڙه پيدا ڪري سگهن ٿيون. اھڙو چاڙه بلڊپريشر ۽ دل جي ڌڙڪي (palpitations) ۾ اوچتو واڌارو، مٿي جو سور، اوڪارا، الٽي، منھن جو ڳاڙھو ٿي وڃڻ، پگهرجڻ، ڏڪڻي ۽ ورلي موت جي لامارن ڏيڻ جو احساس ڏياري ٿو. تشخيص، رت ۽ پيشاب جي تپاس رستي ڪجي ٿي. ڳوڙِھين لهڻ لاءِ سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning)، ايم آر آءِ (MRI) ۽ ريڊيوآئسوٽوپ اِسڪيننگ (radioisotope scanning) ڪري سگهجي ٿي جيڪي پوءِ آپريشن رستي خارج ڪري ڇڏجن ٿيون. ان کانپوءِ وقت به وقت طبي چڪاس ڪرائبي رھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته بيماري ورلي اٿلي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

عبراني

ذ. ع. يهودي. ث. يهودين جي ٻولي. صفت. يهودين جو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal