
Perthes’ disease
سٿريئي (femur) جي واڌ ڪندڙ مٿين ڇيڙي جي سوزش (epiphysis). بيماري آسٽيوڪانڊريائيٽس جووينلس (osteochondritis juvenilis) جو ھڪ قسم ٿئي ٿي جيڪا ھڏي ڏانھن رت جي رسد ۾ خلل سبب پيدا ٿئي ٿي. 10 کان 15 سالن جي ڇوڪرن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي ۽ عام طور تي ھڪ سٿر کي متاثر ڪري ٿي. تڪليف ۾ سٿر۽ گوڏي جو سور ٿئي ٿو ۽ متاثر پاسي ۾ لڱُ پيدا ٿئي ٿو. تشخيص لاءِ ايڪسري ۽ ايم آر آءِ (MRI) ۽ ورلي آرٿوگرافي (arthrography، ايڪسري جو ھڪ قسم جنھن لاءِ ھڪ سنڌ ۾ ھڪ مخصوص قسم جو رنگ ؛ ڪنٽراسٽ ميڊيم ھنيو وڃي ٿو) ڪجي ٿي. علاج جو مدار ٻالڪ جي عمر ۽ تڪليف جي شدت تي ٿئي ٿو. ورلي، ڪنھن مخصوص علاج جي ضرورت نٿي ٿئي. جيڪڏھن علاج جي ضرورت ٿئي ٿي ته ان ۾ فزيوٿراپي (physiotherapy)، بيساکيون، بستري جو آرام ۽ عضوي جي ڪسرت (traction)، پلستر چاڙھڻ يا ورلي آپريشن ڪرڻي پوي ٿي. عام طور تي بيماري پنھنجو پاڻ 3 سالن اندر ختم ٿي وڃي ٿي، جڏھن ته دُڏ پوءِ به بيڊولي رھي سگهي ٿي ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي ھلي آرٿرائيٽس ٿيڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.
سنڌورڪي
ذ. ڏورانهن ملڪن ۾ واپار ڪندڙ سنڌ جا هندو واپاري.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal