SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Personality disorders

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pəːsənælitiː
  • disɔːdəz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Personality disorders

پرس.نلِ.ٽي ـ ڊسئارڊرس

تڪليفن جو ھڪ اھڙو مجموعو جنھن سبب نه ته آزمودن مان سکي سگهجي ٿو ۽ نه ئي معقول تبديليون اختيار ڪري سگهجن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ پريشاني ۽ سماجي ڪمن ۾ اوڻايون پيدا ٿين ٿيون. شخصيتي نقص سڀاءَ جا اھڙا طريقا ٿين ٿا جيڪي خاص طور تي پريشانيءَ دوران ظاھر ٿي پون ٿا. عام طور تي انھن جي سڃاڻپ نوجواني ۾ ٿئي ٿي ۽ سڄي عمر ھلن ٿا ۽ عام طور تي پريشاني ۽ ماندائيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. مخصوص قسمن جي شخصيتي نقصن/ بگاڙ کي ٽن مکيو گروپن ۾ ورھايو وڃي ٿو. جڏھن ته عام طور تي اھي ھڪٻئي تي ڇانيل رھن ٿا. پھرين گروپ جي فردن جي خوبي، غيرمعمولي سڀاءُ ۽ شڪي (paranoid) ٿين ٿا ۽ ٻين ۾ ڪويساه ۽ اڻ اعتباري ظاھر ڪن ٿا، مضبوط (schizoid) فرد، جذباتي ٿڌا ۽ شائزوٽائيپل (schizotypal) شخصيت وارن جا سڀاءَ انوکا اسڪيزوفرينيا (schizophrenia) وارن جھڙا پر گهٽ شديد ٿين ٿا. ٻئي گروپ وارن جو سڀاءُ ڊرامائي ٿئي ٿو. مصنوعي ڪردار (histrionic) وارا فرد جذباتي ۽ لاڳيتو متحرڪ ٿيڻ جا خواھشمند ٿين ٿا، نرگسيت () پسندن کي پنھنجيءَ اھميت بابت ابھام ھجي ٿو (ڏسو، narcissism) ۽ غيرسماجي شخصي نقص وارا فرد، سماج جي معياري سڀائن کي تسليم نٿا ڪن. ٽئين گروپ وارا فرد پريشاني ۽ ڊپ جو اظھار ڪن ٿا. ٻين تي ڀاڙيندڙ شخصيتن ۾ خوداعتمادي نٿي ھجي جنھن سبب آزاد طريقي سان ڪم ڪري نٿا سگهن.


Remember Me Also:

گمانجڻ

مصدر. شَڪجڻ ، شَڪ آڻڻ .

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal