SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Peritonitis

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • peritənaitis

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Peritonitis

پي. ري. ٽو. ناءِ. ٽس

پيٽانگي (peritoneum) جي سوزش. اھا ھڪ سنگين عام طور تي پراڻي تڪليف ٿئي ٿي جنھن جو گهڻو عام ڪارڻ معدي يا آنڊي جي ڀت جو سوراخجڻ/ وِنڌجڻ (perforation) ٿئي ٿو جنھن سبب بئڪٽيريا ۽ ھاضمي جون رسون پيٽ جي ڀانڊي ۾ پھچي وڃن ٿيون. عام طور تي سوراخجڻ جو ڪارڻ پيپٽڪ السر (peptic ulcer)، اَپينڊيسائيٽس (appendicitis) يا ڊائِورٽيڪيولائيٽس (diverticulitis، آنڊي ۾ ڊائورٽيڪيلم جي سوزش) ٿئي ٿي. پيريٽونائيٽس سبب شديد سالِپنجائيٽِس (salpingitis، فيلوپين نلين جي سوزش)، ڪوليسِسٽائيٽس (cholecystitis، پتي جي سوزش)يا سيپٽيسِيميا (septicaemia) به ٿي سگهي ٿي. تشخيص لاءِ جسماني تپاس ڪجي ٿي ۽ اِميجنگ طريقا (imaging techniques) استعمال ڪجن ٿا. ممڪن ٿئي ٿو ته اصل ڪارڻ ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪرڻي پوي. جيڪڏھن ڪارڻ جي ڄاڻ نه ھجي ته ليپرواسڪوپي (laparos copy) يا ڦولهيندڙ لئپيروٽومي (laparotomy) به استعمال ڪري سگهجي ٿي. عام طور تي اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون ۽ نس رستي پاڻيٺ ڏجن ٿيون. ڪيترين حالتن ۾ مڪمل بحالي ٿي وڃي ٿي. اڳتي ھلي چيڙه (adhesions) سبب آنڊن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

ڍل ڪرڻ

سُستِي ڪرڻ. دير ڪرڻ ، چِرڪَ ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal