SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Periodontitis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • periodontitis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Periodontitis

پير.يئو.ڊون.ٽاءِ.ٽس

پيريئوڊونٽيئم (periodontium ڏند جي چوگرد وارا ٽشو) جي سوزش جيڪا ٻن قسمن جي ٿئي ٿي: پيريئپِيڪل (periapical) ۽ ڪرانڪ (chronic). پيريئپِيڪل پيريئوڊونٽائيٽس ڏندن جي کاڌ (caries) کي نظرانداز ڪرڻ سبب بئڪٽيريا ڏند جي گودي (pulp) ۾ داخل ٿي پاڙ چوٽيءَ تائين رسي ورلي ڏند جو ڳڙه (abscess)، گرينيولوما (granuloma) يا سسٽ (cyst) پيدا ڪري ٿي. ڪرانڪ پيريئوڊونٽائيٽس، جنجيوائيٽس جي علاج نه ڪرڻ سبب بئڪٽيريا پيريئودونٽائيٽس کي متاثر ڪري ٿي جيڪو ڪنھن وڏي فرد جي ڏند ضايع ٿيڻ جو مکيو سبب ٿئي ٿو. پيريئپيڪل پيريئوڊونٽائيٽس سبب مٿي جو خاص طور تي چڪڻ سبب سور پيدا ٿي پوي ٿو. ڳڙه سبب متاثر ڏند گهرگهلو ٿي سگهي ٿو، ڏند جي ڪا وڏي سسٽ ڄاڙيءَ جي سوڄ پيدا ڪري سگهي ٿي. ڪرانڪ پيريئوڊونٽائيٽس ۾ جنجيوائيٽِس جون نشانيون موجود ٿين ٿيون. تشخيص لاءِ ڏند جي چڪاس ۽ ايڪسري ڪجي ٿي. پيريئپِيڪل پيريئوڊونٽائيٽس جي علاج لاءِ پونءِ خارج ڪري ڏند کي ڀري يا ڪڍي ڇڏجي ٿو. باقاعدگي سان ڏند صاف ڪندي رھڻ سان وڌندڙ ڪرانڪ پيريئوڊونٽائيٽس بيماريءَ ۽ ٽشوئن کي وڌيڪ تباه ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو. علاج لاءِ روٽِ پلاننگ (root planing)، اِسڪيلنگ (scaling)، جنجيويڪٽومي (gingivectomy) يا ڪَريٽيج (curettage) (ڏسو، curettage, dental)ڪري سگهجي ٿي. ورلي، گهرگهلي ڏند کي سگهاري ڏند جي سھائتا سان سوگهو ڪري سگهجي ٿو (ڏسو، splinting, dental).


Remember Me Also:

ڪمون شهيد

اسم خاص. تعلقي اُٻاوڙي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal