SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pericarditis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pericarditis
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Pericarditis

پيريڪارڊائيٽِس

دل پردي سوڄ، دل جي جھلي واري سوزش، درد غلاف


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pericarditis

پيري.ڪارڊ.ڊائيٽس

پيريڪارڊيئم (pericardium، دل جي جهليدار ڳوٿري) جي سوزش جنھن سبب عام طور تي ڇاتيءَ ۾ سور ۽ بخار ٿي پوي ٿو. ان کانسواءِ پيريڪارڊيل ڀانڊي ۾ پاڻيٺ جو وڌيڪ مقدار (اِفيوشن، effusion) ٿي سگهي ٿو جيڪو به دل ۾ روڪ پيدا ڪري ٿو. ڊگهي عرصي واري سوزش ڪنسٽرڪٽو (ڀيڪوريندڙ) پيريڪارڊائيٽس (constrictive pericarditis) پيدا ڪري سگهي ٿي جنھن سبب پيريڪارڊيم ناقص، ٿلهي ۽ ڀيڪوڙجي دل جي ڪم ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي. پيريڪارڊائيٽس جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا؛ مايوڪارڊيئل انفارڪشن (myocardial infarction)، ڪنھن ٻئي ھنڌ جي وگهري آيل ڪينسر، پيريڪارڊيئم جو زخم ۽ ڪن قسمن جون دوائون جھڙوڪ: ڪيموٿراپيءَ جون ڪي دوائون، ھن نقص سان گڏ ريوميٽوائڊ آرٿرائيٽس (rheumatoid arthritis)، سسٽمڪ لُوپس اِرٿيمٽوسِس (systemic lupus erythematosus) ۽ گردا ناقص (kidney failure) ٿي سگهن ٿا. پيريڪارڊائيٽس، سيني جي تاڪيءَ پٺيان ۽ ورلي ڳچيءَ ۽ ڪلهن ۾ سور پيدا ڪري ٿي. ان سان گڏ بخار به ٿي سگهي ٿو. ڪنسٽرڪٽو پيريڪارڊائيٽس، ٽنگن ۽ پيٽ جي ايڊيما (oedema) پيدا ڪري ٿي. تشخيص جسماني تپاس، اِي سي جِي ۽ ڇاتيءَ جي ايڪسري يا اِڪوڪارڊيوگرافيءَ (echocardiography) رستي ڪجي ٿي. جيڪڏھن ممڪن ٿئي ٿو ته علاج، ڪارڻ مطابق ڪجي ٿو. اَنلجيسڪ (analgesic) يا اينٽي انفلميٽري (antinflammatory) دوائون ڏئي سگهجن ٿيون. اِفيوشن جي حالت ۾ نيڊل رستي پاڻيٺ خارج ڪري سگهجي ٿي. ڪنسٽِرڪٽو پيريڪارڊائٽس جي حالت ۾ پيريڪارڊيم جو حصو نيڪال ڪري ڇڏجي ٿو.


Remember Me Also:

بر افروخته

صفت. [ف] ڪاوڙيل. غصي ۾ ڀريل. ڀڙڪايل ، چيڙايل. روشن.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal