SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Peptic ulcer

(click word to listen sound
  • 🔊
  • peptic
  • ʌlsər
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Peptic ulcer

پيپٽِڪ السر

معدي جو زخم، معدي جو ناسور


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Peptic ulcer

پي.پٽڪ ـ السر

گئسٽروانٽسٽائينل لنگهه (gastrointestinal، معدي ـ آنڊي) جو ھڪ اھڙو حصو جيڪو معدي جي تيزابي رس جي کاڌ سبب خام حالت ۾ مٽجي وڃي ٿو، ايئن گهڻو عام معدي يا ڊيوڊينم (duodenum) جي پھرين حصي ۾ ٿئي ٿو. پيپڪ السر جي پيدا ٿيڻ جو مکيو ڪارڻ ھيليڪوبيڪٽر پائلوري (Helicobacter pylori) بئڪٽيريائي انفيڪشن ٿئي ٿو جيڪو معدي ۽ ڊيوڊينم جو استر تباه ڪري معدي جي تيزاب کي اھي تباه ٿيڻ لاءِ وائکو ڪري ڇڏي ٿو. نان اسٽيروائيڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteroidal anti-inflammatory/NSAIDs) دوائون، الڪوحل، تيزاب جي حد کان وڌيڪ پيداوار ۽ تماڪ ڇڪڻ به معدي جي استر کي تباه ڪري سگهن ٿا. السر تڏھن به پيدا ٿي سگهي ٿي جڏھن معدي جون تيزابي رسون لُڪيءَ (ڏسو، gastrooesophageal reflux disease) ۽ ڊيوڊينم ۾ داخل ٿين ٿيون. ان جي ڪا تڪليف نه به پيدا ٿي سگهي ٿي يا ساڙي جو احساس يا پيٽ جي مٿين حصي ۾ آزاريندڙ سور محسوس ٿئي ٿو. ان جي ٻين ممڪن تڪليفن ۾ بک نه لڳڻ، پيٽ ڦوڪيل ھجڻ، اوڪارا ۽ الٽي ٿئي ٿي. السر مان رت به وھي سگهي ٿي. گنڀير حالت ۾ رت جي الٽي (haematemesis) ۽ پيٽان رت اچڻ (melaena) ٿي سگهي ٿي جيڪا طبي ھنگامي حالت ٿئي ٿي. پراڻي رتھير ٿيندڙ ھجي ته رت ۾ فولاد جي/ پوڻائي (anaemia) ٿي پوي ٿي. ورلي، السر سبب ھاضي جي ناليءَ ۾ سوراخ ڪري پيٽانگي جي سوزش (peritonitis) ڪري وجهي ٿي. عام طور تي السر جي تشخيص معدي ۽ ڊيوڊينم جي اينڊواِسڪوپيءَ رستي ڪجي ٿي. ڪرفتيءَ، رت ۽ ساه جي تپاسن رستي پڪ ڪري سگهجي ته اھڙو فرد ھيليڪوبيڪٽر بيڪٽيريم سبب متاثر ته ناھي، ھجي ته اينٽيبِياٽڪ ۽ السر ڇٽائيندڙ دوائون گڏي ڏجن ٿيون. وڌيڪ تپاسن رستي ڏسي سگهجي ٿو ته علاج اثرائتو ثابت ٿي رھيو آھي. جيڪڏھن ھيليڪوبيڪٽر موجود نٿي ھجي مثال طور، السر جو ڪارڻ نان اسٽيروائڊل اينٽي انفليمٽري دوائون ھجن ٿيون ته پروٽون پمپ انھبيٽريا ايڇ2 ـ بلاڪر ۽ اين ايس اَي ڊي جو علاج ڏيڻ بند ڪجي ٿو. ھاڻ، پيپٽڪ السر لاءِ آپريشن به ورلي ڪجي ٿي سواءِ انھن حالتن جي جڏھن رتھير يا آنڊي جي سوراخجڻ جي پيچيدگين جو علاج ڪرڻو پوي ٿو. تماڪ ڇڪڻ بند ڪرڻ ۽ الڪوحل جو استعمال گهٽائڻ سان ھن بيماريءَ جي اٿلي پوڻ جا گهٽ امڪان ٿين ٿا.


Remember Me Also:

ڪٿهن

ظرف. ڪِٿانئون ، ڪٿان ، ڪِٿهِين ، ڪهڙي هنڌ کان ، ڪهڙي پاسي ، ڪهڙي طرف.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal