SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pellagra

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pellagra
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pellagra

پِي.لَيگرا

انتھائي موتمار قسم جو ھڪ غذائي نقص جيڪو نياسن (ڏسو، (vitamin B complex جي کوٽ سبب پيدا ٿي ڊرميٽائيٽس (dermatitis)، دستن ۽ ڊمينشيا (dementia) جي بيماري پيدا ڪري ٿو. عام طور تي غريب ڳوٺاڻن برادرين ۾ جتي ماڻھون مڪئي (maize) تي پيٽ پالين ٿا کين ٿئي ٿو. گهڻي ڀاڱي، مڪئي جي نياسين جسم ۾ تيستائين جذب ٿيندڙ نٿي ٿئي جيستائين ان کي الڪليءَ جھڙوڪ: چن جي پاڻيءَ (lime-water) ۾ ٽريٽ نٿو ڪجي. جنھن سبب ڪارسينوائڊ سنڊروم (carcinoid syndrome) ۽ انفلميٽري بائول ڊزيز (inflammatory bowel disease) جھڙيون تڪليفون ان جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿيون. ان سبب پيدا ٿيندڙ تڪليفن ۾ ڪمزوري، وزن جي گهٽتائي، سستي، اداسي، توائي، سوزش، اس ۾ وائکي ٿيڻ سان چمڙيءَ جي خارس ٿيڻ ۽ ڊمينشيا شامل ٿين ٿيون. شديد حملن جي صورت ۾ متاثر چمڙيءَ تي سِمندڙ ڦلوڪڻا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڄڀ سڄي سور پيدا ڪري وجهي ٿي. تشخيص، مريض جي حالت جي اندازي لڳائڻ ۽ غذائي ھسٽريءَ وٺڻ مان ڪري سگهجي ٿي. عام طور تي روزانو نياسين ۽ مختلف قسمن جا کاڌا کائڻ سان بيماري ڇڏي وڃي ٿي.


Remember Me Also:

مٿي تي مينهن وسڻ

مَٿي تي مِينهُن وَسَڻُ (ڪ)

سُست ٿيڻ، ڄِلهو ٿيڻ، آرسي ٿيڻ، ٽوٽي ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal