SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Patent ductus arteriosus

(click word to listen sound
  • 🔊
  • peitnt
  • ductus
  • arteriosus
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Patent ductus arteriosus

پَي.ٽنٽ ڊڪ.ٽس آر.ٽي.ريو.سس

دل جو ھڪ اھڙو نقص جنھن ۾ ڄمڻ وقت ڊڪٽس آرٽيريوسس (ductus arteriosus)بند ٿي نٿو سگهي. اھا تڪليف 100،000 مان اٽڪل 60 ابھمن کي متاثر ڪري ٿي. ابھمن ۾، دل جي ساڄي پاسي کان پمپ ٿيندڙ رت ڊڪٽس آرٽيريوسس مان وھندي ڦڦڙن مان بائپاس ٿي وڃي ٿي (ڏسو، fetal circulation). ڄمڻ وقت يا ستت پوءِ عام طور تي ڊڪٽس بند ٿي وڃي ٿي. ڪن ابھمن ۾ ممڪن ٿئي ٿو بند ٿيڻ جو عمل نه ٿئي ۽ عام رواجي گردش ٿي نه سگهي. جنھن جون عام طور تي تيستائين نشانيون پيدا نٿيون ٿين جستائين رت جو وڏو مقدار غلط طرف وڃي، اھڙيءَ حالت ۾ ابھم، وزن ۾ واڌ ڪري نٿو سگهي، ڪوشش ڪرڻ سان ساه منجهيس ٿو ۽ وقت به وقت ڇاتيءَ جو انفيڪشن ٿي پويس ٿو. آخرڪار دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿي. تشخيص ڪرڻ لاءِ دل جي مَرمَر (murmur) ٻڌجي ٿي، ايڪسري، اي سي جي (ECG) ۽ اِڪوڪارڊيوگرافي (echocardiography) ڪجي ٿي. ڊڪٽ کي بند ڪرڻ لاءِ اِنڊوميٽيسن (indometacin) ڏجي ٿي يا آپريشن رستي بند ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

دوناب

ذ. گوشت جو ڳنڍو ، دَڳَلُ. ٿولِهه ، مَتارائي ، گوشت جا تَههَ. جيئن ”گهوڙي تي دُناب چڙهيا پيا آهن.“

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal