
Parkinson’s disease
پارڪنسنس ـ ڊزيز
ھڪ اھڙي اعصابي بيماري جيڪا مشڪن جي ڏڪڻي، سختي، ٽارو ۽ ڪمزوري پيدا ڪري ٿي. ان جو ن مخصوص نشانيون ڏڪڻي، جسماني ڊول جي سختي، آھستي چرپر، گيسرائڻ، غير متوازن گهمڻ ٿين ٿيون. ھن بيماريءَ پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ مغز جي بيسل گينگليا (basal ganglia)جي سيلن جو بگاڙ يا تباه ٿيڻ، ڊوپامين (dopamine) جي مقدار ۾ گهٽتائي (جيڪو چرپر ڪرڻ لاءِ گهربل ٿئي ٿو) ٿئي ٿي. بيماري عام طور تي پيرسنن ۽ گهڻي عام مردن ۾ ٿئي ٿو. عام طور تي بيماريءَ جي شروعات ھڪ ھٿ، ٻانھن يا ٽنگ جي ھلڪيءَ ڏڪڻي سان ٿئي ٿي ۽ جڏھن ھٿ يا ٽنگ آرام واريءَ حالت ۾ ھجي ٿي ته حالت بدتر ٿي وڃي ٿي. اڳتي ھلي، جسم جا ٻئي پاسا متاثر ٿي ٽاري واري حالت، گيسرائڻ، گهمڻ، ھٿن جو ڏڪڻ، ورلي ان سان مٿي جو لڏڻ دائمي طور تي سخت ڪٻائپ پيدا ٿيڻ ۽ بنا ڇينڀڻ جي گهوريندو رھڻ ٿئي ٿو. بيماريءَ جي آخر تائين ذھانت متاثر نٿي ٿئي. پارڪنسن بيماريءَ جو علاج موجود ڪونھي. دوائن رستي علاج جو مقصد بيماريءَ جي آخري مرحلن دوران تڪليفون گهٽائڻ ٿئي ٿو. ليووڊوپا (levodopa) کي جسم، ڊوپامين (dopamine) ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو جيڪا عام طور تي گهڻي اثرائتي ٿئي ٿي. اھا بينسرازائيڊ (benserazide) يا ڪاربيڊوپا (carbidopa) سان گڏ استعمال ڪري سگهجي ٿي. ليووڊوپا جا اثر آھستي آھستي گهٽجڻ شروع ٿين ٿا. ان سان گڏ جيڪي دوائون استعمال يا ان جي نعم البدل طور ڪتب آڻي سگهجن ٿيون انھن ۾ شامل ٿين ٿيون امنٽاڊين (amantadine)، سيليگيلين (selegiline)، پرگولِڊ (pergolide)، روپينيرول (riopinirole) ۽ بروموڪرپٽين (bromocriptine). ورلي ڪو دماغ جي آپريشن ڪجي ٿي. بيماريءَ جو علاج نه ڪجي ته 10 کان 15 سالن ۾ وڌي شديد ڪمزوري ۽ معذوري پيدا ڪري ٿي. 5 مان 1 ۾ آخرڪار ڊمينشيا (dementia) پيدا ٿي پوي ٿي.
سرگڻ
ذ. صفت. گڻن وارو. شڪل وارو. ساڪار.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal