پاريتو پرنسيپل
پاريتو قاعدو
عام طور 20- 80 يا ’ اهم ۽ سگهاري ٿورائي‘ (law of the vital few) جي قاعدي سان سڃاپجندڙ هن اصول/ قاعدي موجب عام زندگيءَ جي اڪثر معاملن ۾ هڪ محدود ٿورائي (20 سيڪڙو) تمام وڏي گهڻائيءَ (80 سيڪڙو) تي اثرانداز ٿيڻ سان گڏ بنيادي فيصلا ڪري ٿي ۽ سهولتون حاصل ڪري ٿي. هي اصول آمريڪا جي ڪاروباري ماهر Joseph Moses Juran(1904- 2008ع) ڳولي ڪڍيو ۽ ان کي اٽليءَ جي نامياري معاشي ماهر’ولفريدو پاريتو‘ جي نالي پٺيان منسوب ڪيو، جنهن 1906ع ۾ انگن اکرن سان ثابت ڪيو ته اٽليءَ جي 80 سيڪڙو زرعي زمين 20 سيڪڙو زميندارن جي قبضي هيٺ هئي. ان مشاهدي جي بنياد تي اڳتي هلي آباديءَ ۾ ملڪيت جي ورڇ جا اهم معيار طئي ڪيا ويا. اهو ساڳيو قاعدو ڪاروبار ۾ به انتهائي بنيادي حيثيت رکي ٿو، جنهن موجب 80 سيڪڙو شيون 20 سيڪڙوگراهڪ خريد ڪن ٿا، ساڳي طرح 80 سيڪڙوشڪايتون 20 سيڪڙوگراهڪ ڪن ٿا.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal