
اڌ رنگ- فالج
گرامر noun
- اسم
فالِجُ
Paralysis
پئرالِسز
فالج، اڌرنگو. ڪنھن به متاثر ٿيل ٽنگ ٻانھن يا مشڪن جي مڪمل طور تي طاقت ختم ٿي وڃڻ.جسم جي اڌ حصي جي فالج کي ھيميپليجيا (hemiplegia) ۽ چئني ٻانھن، ٽنگن ۽ ڍڍر جي ھجي ته ڪواڊريپليجيا (quadriplegia) سڏجي ٿي. پئراپليجيا (paraplegia) ٻنھي ٽنگن جو ۽ ورلي ڍڍر جو اڌ رنگو ٿئي ٿو. پيرالِسز ڦلهڙي ھجي ته لڳڙائپ يا اسپاسٽڪ (spastic) ھجي ته سختي پيدا ڪري سگهي ٿي. فالج، دماغي نقصن جھڙوڪ: اسٽروڪ (stroke)، دماغي ڳوڙھيءَ (brain tumour)، دماغي ڳڙه (brain abscess) يا دماغي رتھير (brain haemorrhage) سبب ٿي سگهي ٿو. فالج جا ڪجهه قسم تنتي سرشتي جي ڪن حصن کي ڇيھي رسڻ سبب پيدا ٿين ٿا (جھڙوڪ: cerebellum and basal ganglia) جيڪي چرپر جي فائين ڪنٽرول سان لاڳاپيل ٿين ٿا. فالج، مغزي ڏوريءَ کي نقصان پھچڻ يا نڪري پيل ريڙه جي دٻاءَ سبب به پيدا ٿي سگهي ٿو. مغزي ڏوريءَ کي متاثر ڪندڙ بيماريون (جھڙوڪ: multi ple sclerosis and poliomyelitis) ۽ مشڪن جا نقص (جھڙوڪ: مسڪيولر ڊسٽرافي) به فالج پيدا ڪري سگهن ٿا. اعصابي/ تنتي نقص جن کي نيوروپيٿيز (neuropathies) سڏجي مختلف درجن جو فالج پيدا ڪري سگهن ٿا.جيڪڏھن ممڪن ٿي سگهي ته اصلي ڪارڻ جو علاج ڪجي ٿو ۽ فزيوٿراپي (physiotherapy) سان سنڌن کي بيھجي وڃڻ کان بچائجي ۽ مشڪن ۽ سنڌن کي سگهارو ڪجي ٿو.
Related words with: Paralysis
ثقل
ث. [ع] ڳوراڻ ، ڪشش ثقَل زمين جي مرڪز جي ڇِڪَ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal