SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pancreatitis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pancreatitis
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Pancreatitis

پينڪرئيٽيٽس

شيردان سوڄ، لبلبي سوزش، لبلبي سور


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pancreatitis

پئن.ڪر.ي.ئا.ٽاءِ.ٽس

لبلبي جي سوزش جيڪا شديد (acute) يا پراڻي (chronic) به ٿي سگهي ٿي. شديد ٿيڻ جا مکيا سبب الڪوحل جو بيجا استعمال ۽ پتي جون پٿريون (gallstones) ٿين ٿيون. ان جا گهٽ عام ڪارڻ ضرب، وائرسي انفيڪشن، صفراوي سسٽم (biliary system) جي آپريشن يا ڪي دوائون ٿين ٿيون. ورلي حالتن ۾ ھائپرلپيڊِيمياس (hyperlipidaemias)، ھيموڪروميٽوسس (haemochromatosis) ۽ شديد پينڪريئاٽائيٽس شامل ٿين ٿا.پراڻي پينڪريئاٽائيٽس دائمي نقصان پھچائي ٿي. شديد پينڪريئاٽائيٽس گهٽ ھاج پھچائيندڙ پر اٿلي پوندڙ ٿي سگهي ٿي. شديد پينڪريئاٽائيٽس جي تڪليفن ۾ شامل ٿين ٿيون پيٽ جي مٿين حصي جو شديد سور جيڪو پيٽ ڏانھن وگهري سگهي ٿو. عام طور تي ان سان گڏ اوڪارا ۽ الٽي ٿي پوي ٿي. عام طور تي چرپر ڪرڻ سان سور بدتر ٿي وڃي ٿو. سور جو حملو اٽڪل 48 ڪلاڪ ھلي ٿو. پراڻي پينڪريئاٽائيٽس جون به عام طور تي ساڳيون نشانيون ٿين ٿيون. جڏھن ته سور ڪجهه ڪلاڪن کان ڪيترن ڏينھن تائين ھلي سگهي ٿو ۽ حملا گهڻا عام ٿي پون ٿا. جيڪڏھن سور نٿو ھجي ته مکيو نشاني، ناقص جذبيت (malabsorption) يا ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ٿي سگهي ٿي. پينڪريئاٽائيٽس جي شديد گنڀير حالت ھائپوٽينشن (hypotension)، ھرٽ فيلؤر (heart failure)، گردن جو فيل ٿيڻ (kidney failure)، سسٽون (cysts) ۽ جلندر (ascites) پيدا ڪري سگهي ٿي. پراڻي پينڪريئاٽائيٽس ۾ به جلندر ۽ سسٽون پيدا ٿي ته پتي جي نليءَ (bile duct) ۾ رڪاوٽ ۽ ڊائبيٽيز ميلائيٽس پيدا ٿي سگهن ٿيون. تشخيص لاءِ رت جون تپاسون blood tests))، پيٽ جون ايڪسري (X-rays)، الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning)، سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning)، ايم آر آءِ (MRI) يا اي آر سي پي (ERCP) ڪجي ٿي. شديد پينڪريئاٽائيٽس جو علاج نس رستي پاڻيٺن، لوڻن ۽ اوپيئوئڊ انلجيسڪ (analgesic) دوائن سان ڪجي ٿو. ڪن حالتن ۾ آنڊي کي اسٽِيرل پاڻيٺ سان آگهاريو وڃي ٿو يا پينڪريئاٽئڪٽومي (pancreatectomy) ڪري ڪا به پتي جي پٿري ھجي ته خارج ڪري ڇڏجي ٿي. پراڻي تڪليف جي علاج لاءِ سور ختم ڪندڙ دوائون، انسولن (insulin)، پئنڪريئٽن (pancreatin) ۽ ورلي حالتن ۾ پئنڪريئاٽئڪٽومي (pancreatectomy) ڪجي ٿي.


Remember Me Also:

درواڻي

ذ. ت. مزاري بلوچن جو هڪ قبيلو، رستماڻين جي شاخ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal